اي ڊي بي جو پاڪستان لاءِ ‘گليشيئرز ٽو فارمز’ پروگرام تيار

اي ڊي بي جو پاڪستان لاءِ ‘گليشيئرز ٽو فارمز’ پروگرام تيار

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) ايشيائي ترقياتي بينڪ (ADB) پاڪستان ۾ پاڻي، زراعت ۽ توانائي جي سيڪيورٽي لاءِ هڪ جامع ايجنڊا تيار ڪيو آهي، ايشيائي ترقياتي بينڪ موجب “گليشيئرز کان فارمز پروگرام” تحت گليشيئرز جي پگهرڻ جي معاشي ۽ ماحولياتي اثرن تي هڪ جامع رپورٽ مرتب ڪئي ويندي، بينڪ موجب پروگرام ۾ موسمياتي تبديلي جي نقصانن لاءِ محفوظ منصوبابندي پڻ شامل هوندي ته جيئن پاڪستان ۾ پاڻي جي ذخيرن، زرعي پيداوار ۽ توانائي نظام کي محفوظ بڻائي سگهجي، ايشيائي ترقياتي بينڪ چيو آهي ته گليشيئرز جي پگهرڻ بابت بين الاقوامي ماهرن کان سفارشون طلب ڪيون ويون آهن، انهن سفارشن جو تفصيلي جائزو 8-9 نومبر تي فلپائن ۾ منعقد ٿيندڙ “ايسٽ ايشين اڪنامڪ ايسوسيئيشن جي بين الاقوامي ڪنوينشن” جي اجلاس ۾ ورتو ويندو، ذريعن موجب، پروگرام پاڪستان ۾ پاڻي جي اثرائتي استعمال، جديد آبپاشي نظام ۽ موسمياتي خطرن کي گهٽائڻ لاءِ هڪ اهم پاليسي فريم ورڪ ثابت ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو