اي اين ايف ڪارروايون، منشيات هٿ، 3 شڪي گرفتار

اي اين ايف ڪارروايون، منشيات هٿ، 3 شڪي گرفتار

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) اينٽي نارڪوٽڪس فورس (اي اين ايف) 4 ڪاررواين دوران 3 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ۽ 21 ڪلوگرام کان وڌيڪ منشيات هٿ ڪئي.اي اين ايف ترجمان موجب، ڪارروايون هري پور، ڪراچي، اٽڪ ۽ اسلام آباد ۾ ڪيون ويون. ڪاررواين دوران 20 ڪلوگرام 800 گرام چرس ۽ 730 گرام برف هٿ ڪئي وئي.هن چيو ته گرفتار ٿيل جوابدار تعليمي ادارن جي شاگردن کي منشيات وڪڻڻ جو اعتراف ڪيو آهي، جڏهن ته ڪارروائين ۾ گرفتار ٿيل جوابدارن خلاف نارڪوٽڪس ڪنٽرول ايڪٽ 1997 تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو