ايڪس تي بندش، پي ٽي اي ۽ اطلاعات واري وزارت کي نوٽيس جاري

ايڪس تي بندش، پي ٽي اي ۽ اطلاعات واري وزارت کي نوٽيس جاري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سوشل ميڊيا سائيٽ ايڪس جي بندش بابت پي ٽي اي ۽ اطلاعات واري وزارت کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق 17 فيبروري کان ايڪس بند ڪرڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عامر فاروق پڇاڻو ڪيو ته ڇا ايڪس بند آهي؟ درخواستگذار جي وڪيل جواب ڏنو ته ايڪس هڪ 17 فيبروري کان بند آهي.چيف جسٽس عامر فاروق پڇاڻو ڪيو ته اهو معاملو سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ به هو، ان جو ڇا ٿيو؟ درخواستگذار جي وڪيل جواب ڏنو ته توهين عدالت جي درخواست تي اڄ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿيڻي آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته هو ايندڙ هفتي لاءِ نوٽيس جاري ڪري رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو