ايڪسيلنس ڪلب پاران منعقد ڪيل تقريب ۾ پاڪ فوج کي خراجِ پيش

ايڪسيلنس ڪلب پاران منعقد ڪيل تقريب ۾ پاڪ فوج کي خراجِ پيش

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): پاڪستان ايڪسلينس ڪلب جي اهتمام هيٺ پاڪ فوج جي هڪ سال جي شاندار ڪاميابين، ملڪ جي دفاع ۾ تاريخي ڪردار ۽ قومي سلامتي لاءِ ڏنل لازوال قربانين کي خراجِ تحسين پيش ڪرڻ لاءِ هڪ عظيم الشان ۽ وقار واري تقريب ”معرڪہِ حق — اسين آهيون بنيانِ مرصوص“ سروسز ميس ڪلب ڪراچي ۾ منعقد ٿي. تقريب ۾ ملڪ جي ناليوارن فوجي، سياسي، سماجي، ڪاروباري ۽ سرڪاري شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري پاڪستاني فوج سان پنهنجي يڪجهتي جو اظهار ڪيو. راجوير سنگهه سوڍا (وزيراعليٰ سنڌ جو صلاحڪار برائي انساني حق) پنهنجي خطاب ۾ چيو ”پاڪستان جي سلامتي ۽ انساني حقن جو تحفظ امن امان سان وابسته آهي، ۽ هي امن اسان کي پنهنجي فوج جي قربانين سان حاصل ٿئي ٿو. پاڪستان جي ترقيءَ لاءِ تمام قومي ادارن جي وچ ۾ اتحاد ۽ يڪجهتي لازمي آهي. پاڪ فوج رنگ ۽ نسل جي فرق کانسواءِ هر پاڪستاني جي تحفظ کي يقيني بڻائي ثابت ڪيو آهي ته اها ملڪ جي هر شهري جي محافظ آهي.“ سرفراز احمد راڄڙ (صلاحڪار وزيراعليٰ سنڌ برائي آرڪائيوز ڊپارٽمينٽ) خيالن جو اظهار ڪندي چيو ”تاريخ گواهه آهي ته پاڪستاني فوج جنگ هجي يا قدرتي آفتون، هر ڏکئي وقت ۾ قوم جي اميدن تي پورو لهي هڪ نئين تاريخ رقم ڪئي آهي. اسين پنهنجي فوج جي بهادريءَ کي ساراهيون ٿا. اڄ پوري قوم ۽ سنڌ حڪومت پنهنجي بهادر جوانن ۽ قيادت سان گڏ بيٺي آهي، ڇاڪاڻ ته مضبوط دفاع ئي مستحڪم پاڪستان جي ضمانت آهي.“ جنرل (ر) معين الدين حيدر (اڳوڻو گورنر سنڌ ۽ اڳوڻو وفاقي گهرو وزير) خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان جون مسلح فوجون دنيا جي بهترين فوجن ۾ شمار ٿين ٿيون. وطن جي دفاع لاءِ جوانن جون قربانيون نه وسارڻ جهڙيون آهن. جنرل (ر) جاويد ضياء (اڳوڻو ڪور ڪمانڊر ۽ ڊي جي رينجرز) چيو ته پاڪستان جي دشمن قوتن جي ناپاڪ عزامن کي هميشه ناڪام بڻايو ويو آهي. قومي اتحاد ۽ مضبوط دفاع ئي پاڪستان جي اصل طاقت آهي. آءِ ايس پي آر (سنڌ) جي برگيڊيئر سيڪٽر ڪمانڊر چيو ته ”پاڪستاني فوج ملڪ جي سلامتي، استحڪام ۽ عوام جي اعتماد جي علامت آهي. نوجوان نسل جو حب الوطني جي جذبي سان لبالب هجڻ هڪ خوش آئند ڳالهه آهي.“محمد اقبال قريشي (پيٽرن ان چيف، پاڪستان ايڪسيلنس ڪلب) قومي يڪجهتي تي زور ڏيندي چيو ته ڪلب جو مقصد قومي ادارن ۽ باصلاحيت نوجوانن جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪرڻ آهي. تقريب جي ميزبان شاهد بوبي (صدر پاڪستان ايڪسيلنس ڪلب ۽ سي سي او گروٿ اسٽاڪ سيڪيورٽيز گروپ) مهمانن کي ڀليڪار چيو ۽ فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير ۽ پاڪ فوج جي خدمتن کي ساراهيو. حميد ڀٽو (چيئرمين پاڪستان ايڪسيلنس ڪلب) پاڪ فوج جي سپهه سالار جي عزم ۽ پيشيوراڻي مهارت کي سلام پيش ڪيو. ۽ عبدالسلام دادا ڀائي (سيڪريٽري جنرل ايسڪيلينس ورلڊ) پاڪ فوج جي ملڪ لا۽ خدمتن کي ساراهيو بزنس ڪميونٽي پاران ھر ممڪن سھڪار ڪرڻ جو يقين ڏياريو حمزه تاباني (چيئرمين تاباني گروپ) معاشي استحڪام کي دفاع سان جوڙيندي چيو ته جيڪڏهن اڄ سرحدون محفوظ آهن ته اسين بنا ڪنهن خوف جي صنعت ۽ تجارت جو پييو هلائي رهيا آهيون. جمي انجنيئر (عالمي شهرت يافته مصور) چيو ته هن هميشه پنهنجي فن ذريعي پاڪستان جي دفاع جي داستانن کي اجاگر ڪيو آهي. محمد حنيف خان (صدر لاء اينڊ آرڊر ڪميٽي، پي اي سي) چيو ته هندستان کي ڏنل ڪڙو جواب اسان جي فوجي تاريخ جو هڪ روشن باب آهي. جهانزيب خان (سي اي او، فيضان اسٽيل) چيو ته صنعتن جي بقا لاءِ مضبوط دفاع اڻٽر آهي. تقريب کي منظم ڪرڻ ۾ سعد جاويد (نائب صدر ايڪسيلنس يوٿ ڪميٽي) اهم ڪردار ادا ڪيو. ان موقعي تي سعد جاويد چيو ته پاڪ فوج جو اسانجي قوم تي احسان آھي جو ھميشه پنھنجي زندگي جي پرواھ نہ ڪندي ملڪ جي حفاظت ڪن پيا ان موقعي تي محمد خالد عمر (اڳوڻو وزير ۽ صدر ماحوليات ڪميٽي) ۽ آصف موسيٰ (ايم پي اي ۽ صدر يوٿ ڪميٽي) پڻ فوج سان محبت جو اظهار ڪيو. ڊي آءِ جي علي شير جکراڻي، ڊي آءِ ٽي جيل خانه جات محمد اسلم ملڪ، اي آءِ جي جيل خانه جات شهاب صديقي، ۽ اڳوڻي ڊائريڪٽر ايف آءِ اي صفيع الله جوکيو پڻ سنڌ جي بهادر پٽن کي سلام عقيدت پيش ڪيو. ڪرنل ساجد جنجوعه معرڪہِ حق جي ڪارڪردگي تي روشني وڌي. تقريب ۾ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتن شرڪت ڪئي، جن ۾ اڳوڻو چيف جسٽس شريعت ڪورٽ آف پاڪستان آغا رفيق احمد خان، جسٽس فاروق احمد چنا، جسٽس خواجه نويد احمد خان، اڳوڻو آءِ جي غلام قادر ٿيبو، اڳوڻو ايڊيشنل چيف سيڪريٽري شمس الدين سومرو، آباد جو اڳوڻو چيئرمين آصف سم سم، پروفيسر اڪبر حيدر سومرو، سيد اسد الله شاهه، بلال احمد ڀٽو، نسيم احمد ڀٽو، غضنفر علي، حسين ٿيبو، نازيہ علي، سجاد دايو، سرفراز احمد خان، ثناء الله ميمڻ، حنيف ساگر، ڊاڪٽر قيوم ڀٽو، ڊاڪٽر عبدالغفور شورو، امير سولنگي، ۽ ٻيا شامل هئا. تقريب جي پڄاڻي تي ملڪي سلامتي لاءِ دعائون گهريون ويون. ان موقعي تي سعد بن عزيز، ڊاڪٽر غفور شورو ۽ فرزانه گل جي سالگرهه جا ڪيڪ پڻ ڪٽيا ويا. آخر ۾ شاهد بوبي پاران مهمانن لاءِ شاندار ماني (ڊنر) جو اهتمام ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو