ايڊز جي روڪٿام ۽ عوامي شعور لاءِ مهم هلايان پيو،جونيئر

ايڊز جي روڪٿام ۽ عوامي شعور لاءِ مهم هلايان پيو،جونيئر

دادو(رپورٽ عزيزالله خاصخيلي) ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر پاران نئين سول اسپتال دادو جو دورو ڪيو، جتي هن خاص طور ايڇ آءِ وي/ايڊز شعبي جو معائنو ڪندي عملي سان ملاقات ڪئي ۽ شعبي ۾ فراهم ڪيل سهولتن بابت ڄاڻ حاصل ڪئي ان موقعي تي هن اسپتال جي مختلف وارڊن جو پڻ دورو ڪري داخل مريضن جي عيادت ڪئي ۽ سندن طبي سهولتن بابت پڇا ڳاڇا ڪئي ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر اسپتال ۾ موجود شهرين ۽ مريضن جي وارثن سان ملاقات دوران ايڇ آءِ وي/ايڊز جهڙي خطرناڪ مرض بابت آگاهي ڏيندي چيو ته احتياط، شعور ۽ وقت سر ٽيسٽن ذريعي هن بيماري کان بچي سگهجي ٿو. هن ماڻهن تي زور ڀريو ته هو ايڇ آءِ وي بابت غلط فهميون ختم ڪري سماج ۾ آگاهي پيدا ڪن ته جيئن هن مرض جي پکيڙ کي روڪي سگهجي هوڌيڪ چيو ته دادو جي نئين ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۾ ڊاڪٽرن ۽ عملي پاران بهتر خدمتون فراهم ڪيون پيون وڃن، جيڪا ساراهه جوڳي ڳالهه آهي. سندس چوڻ هو ته ماضي جي ڀيٽ ۾ هاڻي علاج جون سهولتون گهڻو بهتر ٿي ويون آهن، تنهن هوندي به احتياط ۽ آگاهي انتهائي ضروري آهي خاص طور تي ايڇ آءِ وي جهڙن مرضن کان بچاءَ لاءِ هر ماڻهو کي پنهنجو ذميوار ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر چيو ته هو ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ايڊز جي روڪٿام ۽ عوامي شعور لاءِ مهم هلائي رهيو آهي، جيئن نوجوان نسل کي هن خطرناڪ بيماري کان محفوظ بڻائي سگهجي جڏهن ته ان موقعي تي ايم ايس ڊاڪٽر امجد مستوئي، ڊاڪٽر احسان پنهور، صحافي ڪامران ڪورائي،ارباب علي رستماڻي، ديدار علي شيخ سميت ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر جا ساٿي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا؛

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو