ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ايپل اعلان ڪيو آهي ته هو 8 مارچ تي هڪ تقريب منعقد ڪندا جنهن ۾ سستو فون ۽ مختلف ڊيوائيسز متعارف ڪرائيندا. ڪمپني اهو ناهي ٻڌايو ته ايونٽ ۾ ڪهڙيون ڊيوائسز متعارف ڪرايون وينديون پر گذريل ليڪس موجب ايپل وڏي اسڪرين سان سستو ترين آئي فون ايس اي پيش ڪندي. آئي فون SE3 سان يا ان جو نالو جيڪو به هجي، اڳي کان بهتر iPads ٽيبليٽ ۽ ممڪن آهي ته iMac متعارف ڪرايا ويندا. اهو هڪ ورچوئل ايونٽ هوندو جيڪو ايپل جي ويب سائيٽ تي لائيو نشر ڪيو ويندو.










