لاهور (ويب ڊيسڪ)وفاقي جاچ ايجنسي (ايف آءِ اي) نيشنل سائبر ڪرائم ايجنسي (اين سي سي اي) جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر سميت چار آفيسرن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.ايڊيشنل ڊائريڪٽر ۽ ٻين کي اختيارن جي غلط استعمال ۽ رشوت جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.جوابدار کي ايف آءِ اي اڄ لاهور ضلعي عدالت ۾ پيش ڪندو. جوابدار جي طرفان سينئر وڪيل بئريسٽر ميان علي اشفاق عدالت ۾ پيش ٿيندو.










