اين آءِ سي وي ڊي ۽ حسن سليمان اسپتال ۾ مفامحتي ياداشت تي صحيحون

اين آءِ سي وي ڊي ۽ حسن سليمان اسپتال ۾ مفامحتي ياداشت تي صحيحون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيوويسڪولر ڊيزيزز (NICVD) ۽ حسن سليمان ميموريل هسپتال (HSMS) ملير جي وچ ۾ مفاهمتي ياداشت (ايم او يو) تي صحيحن جي تقريب جي صدارت ڪئي جنهن جو مقصد ملير ۽ آسپاس جي علائقن جي رهاڪن لاءِ دل جي مرضن جي جامع خدمتن جي فراهمي آهي. ان ڀاڱييواري تحت حسن سليمان ميموريل هسپتال دل جي هنگامي مرضن جي جاچ، مريضن کي مستحڪم ڪرڻ ۽ علاج کان پوءِ جي نگهداشت جون خدمتون فراهم ڪندو، جڏهن ته اينجيوگرافي، اينجيوپلاسٽي ۽ دل جي آپريشن جهڙن جديد علاج جي ضرورت وارن مريضن کي هڪ مخصوص ريفرل نظام ذريعي اين آءِ سي وي ڊي منتقل ڪيو ويندو. ان تعاون ۾ ٽيلي ڪارڊيالوجي سپورٽ، ماهرن جي مشاورت ۽ طبي و نيم طبي (پيراميڊيڪل) عملي جي صلاحيتن ۾ اِضافو پڻ شامل آهي. صحيحن جي تقريب وڏي وزيراعليٰ هائوس ۾ منعقد ٿي جنهن ۾ صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، وڏي وزير جي سيڪريٽري آصف جميل، صحت سيڪريٽري طاهر سانگي، اين آءِ سي وي ڊي جي قائم مقام ايسوسيئيٽ/ايگزيوڪيٽو ڊائريڪٽر اسد بلال اعوان، سائبر نائف سينٽر جي سربراهه پروفيسر ڊاڪٽر طارق محمود، هائر ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر محمد طارق رفيع، حسن سليمان فائونڊيشن جي صدر ڊاڪٽر جاويد سليمان، ڊاڪٽر شهاب الله، ڊاڪٽر زاهد جمال، ڊاڪٽر انور علي خان ۽ ٻين سينئر اختيارين شرڪت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير ان موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت معياري طبي سهولتن تائين رسائي کي وسعت ڏيڻ ۽ جان بچائيندڙ دل جي مرضن جي علاج کي عوام جي گهرن جي ويجهو پهچائڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته اين آءِ سي وي ڊي مفت ۽ عالمي معيار جي دل جي علاج جي فراهمي ذريعي لکين ماڻهن لاءِ اُميد جي علامت بڻجي چڪو آهي. ان تعاون جي ذريعي اسان ان ماڊل کي ملير تائين وسعت ڏئي رهيا آهيون جتي مريضن کي بروقت دل جي مرضن جي جاچ ۽ هنگامي طبي سهولتون ميسر ٿينديون، جنهن کانپوءِ کين اين آءِ سي وي ڊي جي جديد علاج جي نيٽ ورڪ سان منسلڪ ڪيو ويندو. مراد علي شاهه چيو ته دل جا مرض فوتگين جو وڏو سبب آهن ۽ انهن جي فوري تشخيص ۽ علاج انتهائي اهميت جو حامل آهي. هن چيو ته دل جي هنگامي مرضن ۾ هر منٽ قيمتي هوندو آهي. هيءَ ڀاڱييواري هنگامي ردعمل جي نظام کي مضبوط بڻائيندي، مريضن جي علاج جا نتيجا بهتر ڪندي ۽ ملير ۽ ويجهن علائقن جي رهاڪن کي دل جي مرضن جي ماهرن جي خدمتن تائين تيز ترين رسائي فراهم ڪندي. وڏي وزير صحت کاتي ۽ اين آءِ سي وي ڊي انتظاميا کي هدايت ڪئي ته معاهدي تي اثرائتي عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي ۽ اهڙن مريضن لاءِ مضبوط ريفرل ۽ منتقلي جو نظام تيار ڪيو وڃي جن کي دل جي جديد علاج جي ضرورت هجي. صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو ان معاهدي کي ادارتي تعاون ذريعي سنڌ ۾ صحت جي سهولتن کي مضبوط بڻائڻ جي حوالي سان هڪ اهم سنگِ ميل قرار ڏنو. هن چيو ته اين آءِ سي وي ڊي پوري صوبي ۾ مفت ۽ معياري علاج فراهم ڪندڙ نيٽ ورڪ قائم ڪري دل جي صحت جي ڏيک ٻال ۾ انقلاب برپا ڪيو آهي. حسن سليمان ميموريل هسپتال سان هيءَ ڀاڱييواري ملير ۽ ڳنڍيل علائقن جي عوام لاءِ شروعاتي تشخيص، هنگامي دل جي مرضن جي انتظام ۽ ماهرانه علاج تائين رسائي کي وڌيڪ وسعت ڏيندي. ڊاڪٽر پيچوهو چيو ته حڪومت صحت جي سهولتن تائين رسائي بهتر بڻائڻ، علاج ۾ دير گهٽائڻ ۽ مريضن جي ڏيک ٻال جي معيار کي بهتر بڻائيندڙ جديد ڀاڱييوارين جي حمايت جاري رکندي. حسن سليمان فائونڊيشن جي صدر ڊاڪٽر جاويد سليمان وڏي وزير ۽ اين آءِ سي وي ڊي جي قيادت جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته اسان کي خطي جي سڀ کان وڌيڪ معتبر دل جي مرضن جي ادارن مان هڪ، اين آءِ سي وي ڊي سان ڀاڱييواري تي فخر آهي. ان تعاون جي ذريعي ملير ۾ قائم حسن سليمان ميموريل هسپتال دل جي مريضن لاءِ هڪ اهم مرڪز طور خدمتون سرانجام ڏيندو، جتي بروقت جاچ ۽ هنگامي طبي نگہداشت فراهم ڪئي ويندي جڏهن ته مريضن کي اين آءِ سي وي ڊي جي جديد علاجي سهولتن تائين سڌي ريت رسائي پڻ حاصل ٿيندي. ڊاڪٽر جاويد سليمان وڌيڪ چيو ته هيءَ ڀاڱييواري انسانيت جي خدمت ۽ پسمانده طبقن لاءِ بهتر طبي نتيجا يقيني بڻائڻ جي گڏيل عزم جي عڪاسي ڪري ٿي. مفاهمتي ياداشت تحت اين آءِ سي وي ڊي دل جي مرضن جي ماهرن جي مشاورت، ٽيلي ميڊيسن سپورٽ، جديد قلبي (دل جو) طريقوِ علاج، تربيت ۽ ٽيڪنيڪل رهنمائي فراهم ڪندو، جڏهن ته حسن سليمان ميموريل هسپتال دل جي هنگامي مرضن جي انتظام، تشخيصي خدمتن ۽ علاج کان پوءِ جي فالو اپ نگہداشت لاءِ مخصوص جڳهه ۽ سهولتون فراهم ڪندو. 20 سالن جي شروعاتي مدت لاءِ ڪيل ان معاهدي سان ملير ۾ دل جي مرضن جي طبي خدمتن جي نمايا طور تي مضبوط ٿيڻ ۽ ڪراچي جي مشرقي لنگهه (ڪوريڊور) واري علائقي ۽ ڳنڍيل ضلعن جي هزارين مريضن کي مفت ۽ معياري علاج تائين بهتر رسائي حاصل ٿيڻ جي اميد آهي. وڏي وزير چيو ته هيءَ ڀاڱييواري خاص طور تي ملير ۽ آسپاس جي علائقن جي عوام لاءِ فائدي واري ثابت ٿيندي ڇو ته ان جي ذريعي معياري دل جي مرضن جي جاچ ۽ هنگامي علاج جون سهولتون انهن جي گهرن جي ويجهو دستياب ٿينديون، جڏهن ته اين آءِ سي وي ڊي جي جديد علاجي سهولتن تائين سڌي ريت رسائي پڻ يقيني بڻائي ويندي. اين آءِ سي وي ڊي جي قائم مقام ايگزيوڪيٽو ڊائريڪٽر پروفيسر اسد بلال ۽ حسن سليمان ميموريل هسپتال جي صدر ڊاڪٽر جاويد سليمان وڏي وزير ۽ ٻين معزز شخصيتن جي موجودگي ۾ مفاهمتي ياداشت تي صحيحون ڪيون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو