ايندڙ ڏينهن ۾ آمريڪا سان  ڪي به ڳالهيون طئي ٿيل ناهن، ايران

ايندڙ ڏينهن ۾ آمريڪا سان ڪي به ڳالهيون طئي ٿيل ناهن، ايران

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڪنهن به مذاڪرات جو شيڊول طئي ناهي ڪيو ويو. هن سومر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته ايراني ٽيڪنيڪل وفد هن هفتي دوحا جو دورو ڪندو پر ان جو آمريڪي اختيارين جي دوري سان ڪو به تعلق نه هوندو. ترجمان موجب ايران اڃا تائين حتمي معاهدي لاءِ مذاڪرات شروع ناهن ڪيا ڇو ته ان لاءِ مفاهمتي يادداشت جي ڪجهه نڪتن تي عملدرآمد ضروري آهي، جيڪا هن وقت ايران جي پهرين ترجيح آهي.ان کان اڳ آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ چيو هو ته ايران ملاقات جي درخواست ڪئي آهي، ايران جي درخواست تي ملاقات سڀاڻي دوحا ۾ ٿيندي. بعد ۾ وائيٽ هائوس جي ترجمان ڪيرولين ليويٽ چيو ته آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ جو خاص نمائندو اسٽيو وٽڪوف ۽ جيرڊ ڪشنر اڱاري تي قطر جي گاديءَ واري هنڌ دوحا ۾ ايران سان متوقع اجلاس ۾ شرڪت ڪندا.

ايراني ۽ فرانسيسي پرڏيهي وزيرن جو رابطو، مفاهمتي يادداشت تي خيالن جي ڏي‌وٺ

ايراني ميڊيا موجب، ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي فرانسيسي هم منصب سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو آهي، جنهن دوران ٻنهي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي خيالن جي ڏي‌وٺ ڪئي وئي. ايراني ميڊيا جو چوڻ آهي ته ايراني ۽ فرانسيسي پرڏيهي وزيرن تازي علائقائي ۽ بين الاقوامي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي‌وٺ ڪئي.

ايران جوهري هٿيار نه رکڻ تي راضي آهي: صدر ٽرمپ

واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ اوول آفيس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران جو هلندڙ هفتي قطر ۾ ٿيندڙ اجلاس شايد اهم ثابت ٿئي، ۽ شايد نه ٿئي. صدر ٽرمپ چيو ته ايران جوهري هٿيار نه رکڻ تي راضي آهي، جڏهن ته عالمي سطح تي پيٽروليم شين جون قيمتون هيٺ اچي رهيون آهن. ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته خام تيل جي موجوده قيمت ايران جنگ کان اڳ واري قيمت کان به گهٽ سطح تي آهي.

مفاهمت ٻطرفو معاملو آهي، آمريڪا مفاهمتي يادداشت تي عمل ڪندو ته اسان به پنهنجون ذميواريون پوريون ڪنداسين: ايراني صدر

ايراني صدر مسعود پزيشڪيان واضح ڪيو آهي ته مفاهمت ٻطرفو معاملو آهي، جيڪڏهن آمريڪا مفاهمتي يادداشت تي عمل ڪندو ته اسان به پنهنجون ذميواريون پوريون ڪنداسين. ايراني صدر مسعود پزيشڪيان ايڪس (X) تي بيان جاري ڪندي چيو ته غير معقول ٻٽاڪن ۽ بي بنياد دھمڪين جي مقابلي ۾ اسان جو موقف واضح آهي. ايراني صدر چيو ته اسان جو موقف آهي ته فيصلا ڪندي عقل و دانش ۽ انساني وقار کي بنياد بڻايو وڃي، ۽ عملي قدمن وقت فيصلي ڪندڙ ۽ بي خوف دفاع ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو