ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ايندڙ وفاقي بجيٽ ۾ ريئل اسٽيٽ سيڪٽر (پراپرٽي جي ڪاروبار) لاءِ ريليف ملڻ جو امڪان آهي.ايندڙ بجيٽ ۾ فائلرز لاءِ پراپرٽي جي خريد و فروخت تي ٽرانزيڪشن ٽيڪس ۾ گهٽتائي ڪرڻ جي تجويز آهي، جڏهن ته نان فائلرز کي پراپرٽي جي خريد و فروخت تي ڪو به ريليف نه ملندو. پراپرٽي سيڪٽر تي ٽيڪسز ۾ ردوبدل جي حوالي سان آئي ايم ايف (IMF) کي آگاهه ڪيو ويو آهي. ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب، پراپرٽي جي خريداري لاءِ شق 236K تحت ود هولڊنگ ٽيڪس 1.5 سيڪڙو کان گهٽ ٿيندو، جيڪو امڪاني طور تي 0.25 سيڪڙو ٿي سگهي ٿو. ان سان گڏ پراپرٽي جي وڪرو لاءِ شق 236C تحت ود هولڊنگ ٽيڪس 4.5 سيڪڙو مان گهٽائي 1.5 سيڪڙو ڪيو وڃڻ جو امڪان آهي. ايف بي آر (FBR) جي ذريعن موجب، نان فائلرز لاءِ پراپرٽي جي خريد و فروخت تي لڳ ڀڳ 10.5 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو آهي. گذريل سال جي ڀيٽ ۾ روان مالي سال جولاءِ کان مارچ تائين ود هولڊنگ ٽيڪس 29 سيڪڙو مليو، جڏهن ته ڳرن ٽيڪسز جي ڪري گذريل مالي سال جي ڀيٽ ۾ گين ٽيڪس جي اوڳاڙي ۾ پڻ گهٽتائي آئي.










