ايم ڪيو ايم لنڊن جو روپوش مبينه ٽارگيٽ ڪلر گرفتار

ايم ڪيو ايم لنڊن جو روپوش مبينه ٽارگيٽ ڪلر گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سي ٽي ڊي پوليس جي ڪارروائي ۾ ايم ڪيو ايم لنڊن جو روپوش مبينه ٽارگيٽ ڪلر گرفتار ڪيو ويو خاص ٽيم سائيٽ اي ٿاڻي جي علائقي نورس چورنگي ويجهو ڪارروائي ڪندي سيٽيڊي پوليس ايم ڪيو ايم لنڊن سان تعلق رکندڙ روپوش مبينه ٽارگيٽ ڪلر کي گرفتارڪيو روپوش ٽارگيٽ ڪلر عرف چيتا ولد فخرالدين کي نورس چورنگي تي فيئرپرائس شاپ ويجهو انفارميشن بيسڊ ڪارروائي ۾ گرفتار ڪيو ويو سي ٽي ڊي جي ترجمان مطابق گرفتار جوابدار جو تعلق ڳلي ڳڙهه سيڪٽر جي ٽارگيٽڪلر تيم سان آهي جنهن جو ساٿي فراز عرف فجو ولد وحيد قتل ۽ اقدام قتل جي ڪيسن ۾ گرافتا آهي جاچ دوران گرفتار جوابدار پاپوش نگر ٿاڻي ۾ داخل ڪيس گناهه نمبر 73/214 ۾ پوليس اهلڪار شاهد، اورنگي ٽائون ٿاني ۾ داخل ڪيس 111/2014 ۽ 137/2014 ۾ مقتول جاويد گنجا ۽ مقتول اسد خان جي قتل ۾ ملوث هجڻ جو انڪشاف ڪيو آهي گرفتار جوابدار کان ٻين ڪيسن بابت به جاچ ڪئي پئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو