ايم نائن تي روڊ حادثو، هڪ ڄڻو فوت 5 زخمي

ايم نائن تي روڊ حادثو، هڪ ڄڻو فوت 5 زخمي

ڄامشورو: (ن س) ڄامشورو ڀرسان روڊ حادثي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت جڏهن ته 5 زخمي ٿي پيا آهن. ڄامشورو ڀرسان موٽروي ايم نائن تي ريسڪيو ايمبولينس 1122جو ٽرالر سان ٽڪر ٿي پيو، حادثي ۾ 1122جو نرس اسٽاف خيرپور ميرس واسي فيض پٽ غلام سرور منگريو ٿڏي تي فوت ٿي ويو. حادثي جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا جنهن ۾ وين جو ڊرائيور محمد يامين پٽ محمد، عثمان منڱريو، عمران شاهه پٽ سردار شاهه، صغير پٽ غلام شبير منگريو ۽ شهنشاهه پٽ سردار شاهه زخمي ٿي پيا، سمورن زخمين کي سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته فوتي نوجوان جو لاش لمس اسپتال ڄامشورو آندو ويو، جيڪو ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو