ايمان ۽ هادي خلاف تڪراري ٽوئيٽ ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي

ايمان ۽ هادي خلاف تڪراري ٽوئيٽ ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) عدالت ايمان مزاري ۽ هادي علي خلاف تڪراري ٽوئيٽ ڪيس جي ٻڌڻي 20 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺا خلاف تڪراري ٽوئيٽ ڪيس جي ٻڌڻي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽس، اسلام آباد ۾ ٿي. ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج محمد افضل مجوڪا ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺا عدالت ۾ پيش ٿيا. پراسيڪيوشن پاران وائس ميچنگ لاءِ متفرق درخواست داخل ڪئي وئي. عدالت پراسيڪيوشن جي متفرق درخواست تي نوٽيس جاري ڪيو.پراسيڪيوٽر عثمان رانا ۽ ايمان مزاري جي وچ ۾ سخت لفظن جي ڏي وٺ ٿي. پراسيڪيوٽر عثمان رانا چيو ته عدالت ڪيس کي سڀاڻي ٻڌڻي لاءِ رکي ۽ متفرق درخواست تي فيصلو ڪري.ايمان مزاري جو وڪيل قيصر امام سپريم ڪورٽ بار جي چونڊن جي ڪري عدالت ۾ پيش نه ٿيو، جنهن تي عدالت ايمان مزاري ۽ هادي علي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي 20 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.واضح رهي ته اين سي سي آءِ اي ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺا خلاف تڪراري ٽوئيٽ جي حوالي سان ڪيس داخل ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو