ايمان مزاري ۽ سندس مڙس جو  جسماني ريمانڊ منظور

ايمان مزاري ۽ سندس مڙس جو جسماني ريمانڊ منظور

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي دهشتگردي جي انت واري عدالت وڪيل ايمان مزاري ۽ سندس مڙس هادي علي چٺه کي جسماني ريمانڊ تي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو.دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج ابوالحسنات محمد ذوالقرنين سرڪاري ڪمن ۾ مداخلت جي الزام ۾ گرفتار ايمان مزاري جي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. پوليس ٻنهي جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ۽ 30 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ جي استدعا ڪئي.ايمان مزاري طرفان ايڊووڪيٽ زينب جنجوعه ۽ احسن پيرزاده عدالت جي آڏو پيش ٿيا ۽ جسماني ريمانڊ جي مخالفت ڪئي. دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج ابوالحسنات محمد ذوالقرنين فيصلو ٻڌائيندي ٻنهي جوابدارن کي 3 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو.ايڊووڪيٽ ايمان مزاري ۽ سندس مڙس جي خلاف دهشتگردي جي قلمن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. اسلام آباد پوليس جي ترجمان موجب ايمان مزاري ۽ ان جي مڙس کي سرڪاري ڪمن ۾ مداخلت تي آبپاره پوليس گرفتار ڪيو آهي.اسلام آباد پوليس جي ترجمان چيو آهي ته عالمي ڪرڪيٽ ٽيم جي دوري دوران سرڪاري ڪمن ۾ مداخلت ڪندي سيڪيورٽي رسڪ پيدا ڪرڻ تي ايمان مزاري ۽ ان جي مڙس هادي علي کي گرفتار ڪيو ويو آهي ٻنهي کي قانون ۽ ضابطي موجب گرفتار ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو