ايف سي جي قافلي تي خود ڪش حملو هڪ اهلڪار شهيد 4 زخمي

ايف سي جي قافلي تي خود ڪش حملو هڪ اهلڪار شهيد 4 زخمي

ڪوئٽا(ويب ڊيسڪ) قلات ۾ ايف سي جي قافلي تي عورت خوسڪش بمبار جي حملي ۾ هڪ اهلڪار شهيد ۽ 4 زخمي ٿي پيا. دان اخبار جي رپورٽ موجب قلات جي ڊپٽي ڪمشنر بلال شبير واقعو مغلزئي جي علائقي ۾ پيش اڄڻ جي تصديق ڪئي آهي. هي حملو بلوچستان جي وڏي وزير پاران صوبي ۾ سيڪورٽي جي صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪندي ان کي خطرناڪ قرار ڏيڻ واري بيقان کان ٻه ڏينهن پوءِ ٿيو آهي. رپورٽ موجب حملي جي ذميواري پابندي مڙهيل بلوچستان لبريشن آرمي (آزاد) قبول ڪئي آهي. حملو ان وقت ٿيو جڏهن فرنٽيئر ڪور جو ڪمانڊنٽ قلعي کان ميس طرف وڃي رهيو هو، ڪمانڊنٽ حملي ۾ محفوظ رهيو، رڳو هڪ گاڏي بري طرح تباهه ٿي آهي ۽ ٻين گاڏين کي به ڪو نقصان نه پهتو آهي. شهيد ٿيل ايف سي سپاهي جي سڃاڻپ لانس نائيڪ عطاءُ الله جي نالي سان ٿي آهي جڏهن ته زخمين ۾ سپاهي وڪيل، زاهد، عباس ۽ مشتاق شامل آهن. زخمين مان هڪ جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو