اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) ڊائريڪٽوريٽ جنرل آڊٽ ان لينڊ روينيو اينڊ ڪسٽمز پاران مالي سال 2024-25 لاءِ جاري ڪيل آڊٽ رپورٽ ۾ اربين روپين جي ٽيڪس بي قاعدگين، گهٽ وصولين ۽ داخلي ڪنٽرول جي نظام ۾ سنگين خامين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. آڊٽ رپورٽ موجب، بي قاعدگين جي ڪري 323 ارب 34 ڪروڙ روپين جي ريڪوريءَ (وصوليءَ) جي نشاندهي ڪئي وئي، پر جنوري کان ڊسمبر 2025ع دوران صرف 43 ارب روپين جي وصولي ممڪن ٿي سگهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ايف بي آر جي آمدني ۽ خرچن جو رسڪ بيسڊ آڊٽ ڪيو ويو، جنهن ۾ انڪم ٽيڪس، سيلز ٽيڪس، فيڊرل ايسڪائيز ڊيوٽي، ڪسٽمز ڊيوٽي ۽ اسلام آباد ۾ خدمتن (سروسز) تي سيلز ٽيڪس جو جائزو ورتو ويو. آڊٽ موجب، ايف بي آر جو داخلي ڪنٽرول نظام ڪمزور ۽ غير اثرائتو مليو، جڏهن ته محصولن جي گهٽ رپورٽنگ، سيلز ٽيڪس، فيڊرل ايسڪائيز ڊيوٽي، ڊيفالٽ سرچارج ۽ ڏنڊن جي گهٽ وصولي سميت ڪيتريون ئي بي قاعدگيون سامهون آيون.18 فيلڊ آفيسن 601 ڪيسن ۾ 15 ارب 29 ڪروڙ روپين جو گھٽ ۾ گھٽ ٽيڪس وصول نه ڪيو. 19 فيلڊ آفيسن 527 ڪيسن ۾ 117 ارب 77 ڪروڙ روپين جو سپر ٽيڪس وصول نه ڪيو. 16 فيلڊ آفيسن ناقابلِ قبول خرچن جي دعوائن جي ڪري 276 ڪيسن ۾ 24 ارب روپين جو انڪم ٽيڪس گهٽ وصول ڪيو. ٻين ڪيسن ۾ قابلِ ٽيڪس آمدني جي غلط تعين، خرچن ۽ ان پٽ ٽيڪس جي غلط ورهاست جي ڪري به اربين روپين جي گهٽ وصولي سامهون آئي. سيلز ٽيڪس جي شعبي ۾ بليڪ لسٽ ٿيل ٽيڪس ڏيندڙن جي ان پٽ ٽيڪس ڪريڊٽ جي نگراني نه ٿيڻ سبب 159 ڪيسن ۾ 41 ارب 78 ڪروڙ روپين جي بي قاعدگي رپورٽ ٿي، جڏهن ته 20 فيلڊ آفيسن 870 ڪيسن ۾ 13 ارب 3 ڪروڙ روپين جو سيلز ٽيڪس وصول نه ڪيو. آڊٽ رپورٽ موجب، ڪسٽمز ڊيوٽي جي شعبي ۾ گهرائيندڙ (درآمدي) سامان جي غلط درجي بندي ۽ گهٽ قيمت ظاهر ڪرڻ جي ڪري 9 هزار 831 ڪيسن ۾ 3 ارب 56 ڪروڙ روپين جا محصول گهٽ وصول ٿيا. اهڙي ريت ناقابلِ قبول ڊيوٽي ۽ ٽيڪس ڇوٽ، گودام مان دير سان سامان ڪڍڻ تي سرچارج جي عدم وصولي ۽ ضبط ٿيل سامان نيلام نه ٿيڻ جي ڪري به قومي خزانن کي اربين روپين جو نقصان پهتو. آڊٽ رپورٽ ۾ سفارش ڪئي وئي آهي ته ايف بي آر پنهنجي داخلي ڪنٽرول جي نظام کي اثرائتو بڻائي، بي قاعدگين جي روڪٿام لاءِ مستقل نگراني جو نظام قائم ڪري، ٽيڪس ڏيندڙن جي پروفائل کي ريٽرن فائلنگ سسٽم سان ڳنڍيو وڃي ۽ گھٽ ۾ گھٽ ٽيڪس توڙي سپر ٽيڪس جي صحيح تعين لاءِ رسڪ بيسڊ ڊيسڪ آڊٽ کي وڌيڪ فعال بڻايو وڃي.










