ڪراچي (ويب ڊيسڪ)فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) گريڊ 16 جي هڪ آفيسر کي گريڊ 14 ۾ تنزلي ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تي سگريٽ جا ڪاٽن هٽائڻ ۽ سي سي ٽي وي فوٽيج غائب ڪرڻ جو الزام آهي.ايف بي آر جي جاچ رپورٽ ۾ آفيسر کي غفلت ۽ نااهلي جو مجرم قرار ڏنو ويو، جڏهن ته صرف جوابدار کي سي سي ٽي وي فوٽيج تائين رسائي هئي.رپورٽ ۾، جاچ آفيسر خالد محمود خلاف معمولي ڪارروائي جي سفارش ڪئي.ٻئي طرف، ايف بي آر جوابدار کي ايم آءِ ايس آفيسر کان ڊيٽا انٽري آپريٽر جي عهدي تي 2 سالن لاءِ تنزلي ڪري ڇڏيو آهي.جوابدار آفيسر تي ٻن سپاهين سان گڏ سگريٽ جا 20 ڪارٽون هٽائڻ جو الزام هو.










