ايشا ڪپ، افغانستان جي هانگ ڪانگ کي شڪست

ايشا ڪپ، افغانستان جي هانگ ڪانگ کي شڪست

ابوظهبي(ويب ڊيسڪ)عظمت الله عمرزئي صرف 20 بالن ۾ شاندار ففٽي هڻي افغانستان کي ايشيا ڪپ جي شروعاتي ميچ ۾ هانگ ڪانگ خلاف 94 رنسن جي شاندار فتح ڏيارِي، افغانستان پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ 6 وڪيٽن تي 188 رنسون ٺاهيون، جن ۾ اوپنر صديق الله اٽل 73 رنسن سان اينڪر جو ڪردار ادا ڪيو. عمرزئي سان سندس پنجين وڪيٽ لاءِ 82 رنسن جي ساٿداري اهم ثابت ٿي، جنهن ۾ عمرزئي 21 بالن تي 53 رنسون ٺاهيون، جن ۾ ٻه چوڪا ۽ پنج ڇڪا شامل هئا. ان کان پوءِ افغانستان جي بالرن گڏجي هانگ ڪانگ کي 9 وڪيٽن تي صرف 94 رنسن تائين محدود ڪري ڇڏيو. ميچ جي شروعات ۾ گرمي پد 40 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهتو، پر شام جو نميءَ سبب رانديگرن جي فٽنيس جو امتحان ٿيو، ۽ انهن کي بار بار ڊرنڪس بريڪ وٺڻا پيا. هانگ ڪانگ جي بالرن شروعات ۾ افغانستان کي ٻه جهٽڪا ڏنا، پر اٽل مضبوط بيٺو ۽ تجربيڪار محمد نبي سان گڏجي 51 رنسون ٺاهيون، جنهن 33 رنسون ڪيون، ٻنهي گڏجي جارحاڻي راند ڏيکاري. آف اسپنر ڪنچت شاهه نبي کي آئوٽ ڪري پارٽنرشپ ٽوڙي، پر پوءِ اٽل ۽ عمرزئي رن ريٽ تيزيءَ سان وڌايو۔ عمرزئي پنهنجي پهرين ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل اڌ سنچري مڪمل ڪئي، جيڪا ڪنهن به افغان بيٽسمين طرفان سڀ کان تيزيءَ واري اڌ سنچري آهي۔ هن ان ۾ ٽي ڇڪا ۽ هڪ چوڪو هنيو، ان کان پوءِ آئوٽ ٿيو. هانگ ڪانگ جي فيلڊرز پنج ڪيچ ڊراپ ڪيا ۽ ٽيم ڪڏهن به رن چيس ۾ داخل ئي نه ٿي سگهي، خاص ڪري جڏهن پهرين پنج اوورن ۾ ئي 22 رنسن تي 4 رانديگر آئوٽ ٿي ويا، جن ۾ ٻه رن آئوٽ به هئا. افغانستان، جيڪو آچر تي شارجا ۾ پاڪستان خلاف ٽرائي سيريز جي فائنل ۾ هارائي چڪو هو، 48 ڪلاڪن کان به گهٽ وقت ۾ ٻيهر ميدان ۾ لٿو. افغانستان جو ايندڙ ايشيا ڪپ وارو ميچ 16 سيپٽمبر تي بنگلاديش سان ٿيندو. ٽورنامينٽ جي فيورٽ ڀارت پنهنجو سفر گروپ اي ۾ اربع تي ميزبان گڏيل عرب امارات خلاف دبئي ۾ شروع ڪندو. ڀارت ۽ پاڪستان 14 سيپٽمبر تي سڀ کان وڌيڪ انتظار واري مقابلي ۾ آمهون سامهون ٿيندا، جيڪو ايندڙ سال ڀارت ۽ سري لنڪا ۾ ٿيڻ واري ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ تياريءَ جو حصو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو