اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) ۽ حڪومت جي اثرائتي پاليسين پرڏيهي سيڙپڪاري جي عمل کي آسان بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جي انگن اکرن موجب، مالي سال 2025-26 جي پهرين ستن مهينن ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري تي منافعي جي ترسيل 1.7 بلين ڊالر تائين پهچي وئي.هلندڙ مالي سال جي پهرين ستن مهينن دوران، پرڏيهي ڪمپنين جي منافعي جي واپسي ۾ 27.92 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، توانائي ۽ مالي شعبن ۾ پرڏيهي ڪمپنين جي منافعي جي واپسي سان ترتيب وار 400.19 ڊالر ۽ 371.33 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيا ويا.اسٽيٽ بينڪ جي مطابق، منافعي جي سڀ کان وڌيڪ واپسي برطانيه ۾ 442.76 ملين ڊالر ۽ چين ۾ 413.11 ملين ڊالر رڪارڊ ڪئي وئي.هي واڌارو عالمي سيڙپڪارن جي پاڪستان جي مستحڪم معاشي رفتار ۽ بهتر سيڙپڪاري جي ماحول ۾ اعتماد جو عڪس آهي. پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ بهتري ۽ ڪاروباري ماحول ۾ آساني سيڙپڪارن جي اعتماد کي وڌيڪ مضبوط ڪري رهي آهي.پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪارن جو وڌندڙ اعتماد، جنهن کي SIFC جي مدد حاصل آهي، معاشي استحڪام جي نشاني آهي.










