ايران ۽ آمريڪا ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ثالثي لاءِ تيار آهيون،تارڙ

ايران ۽ آمريڪا ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ثالثي لاءِ تيار آهيون،تارڙ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پاڪستان ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ثالثي ڪرڻ لاءِ تيار آهي.عرب ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان ماضي ۾ تڪرارن جي حل ۾ ڪاميابي سان ثالثي جو ڪردار ادا ڪيو آهي. پاڪستان ايران تي حملن جي مذمت ڪري ٿو ۽ خليجي ملڪن سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو. هن چيو ته طالبان جو اسپتال تي بمباري جو الزام بي بنياد آهي، افغان طالبان اڳ ۾ به گمراهه ڪندڙ خبرون پکيڙي چڪا هئا.وفاقي اطلاعات واري وزير وڌيڪ چيو ته پاڪستاني فوج جا حملا دهشتگرد ڪئمپن تي ڌيان ڏئي رهيا آهن، ۽ پاڪستاني فوج افغانستان ۾ شهري آبادي کي نشانو نه بڻايو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو