ايران ڳالهين ۾ دير ڪري ڇڏي، کيس ان جي قيمت چڪائڻي پوندي، ٽرمپ

ايران ڳالهين ۾ دير ڪري ڇڏي، کيس ان جي قيمت چڪائڻي پوندي، ٽرمپ

تهران(ويب ڊيسڪ)فارس نيوز ايجنسي موجب، پاسدارانِ انقلاب دعويٰ ڪئي آهي ته هنن اردن، بحرين ۽ ڪويت ۾ جوابي ڪاروائي ڪندي آمريڪي فوجي اڏن تي ميزائل حملا ڪيا آهن۔ سينٽڪام اعلان ڪيو آهي ته هنن ايران خلاف جوابي حملن جو سلسلو مڪمل ڪري ورتو آهي ۽ نوان حملا نه ڪيا ويندا. سومر تي آمريڪي فوجي اپاچي هيليڪاپٽر عمان لڳ ايران پاران ڪيرائڻ جي جواب ۾ مٿن حملا ڪيا ويا.

ايران ڳالهين ۾ دير ڪري ڇڏي، کيس ان جي قيمت چڪائڻي پوندي، ٽرمپ

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران ڳالهيون ڪرڻ ۾ تمام گهڻي دير ڪئي آهي ۽ هاڻي کيس ان جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي. پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽفارم ٽرٿ سوشل تي جاري ڪيل بيان ۾ ٽرمپ چيو ته: “ايران جي فوج مڪمل طور تي تباهه ۽ برباد ٿي چڪي آهي. ان جا ڪيترائي حصا، جهڙوڪ بحريه ۽ فضائيه، هاڻي عملي طور موجود ئي ناهن رهيا، ۽ انهن کي مڪمل شڪست ڏني وئي آهي.” ٽرمپ وڌيڪ چيو: “ايران رڳو ڳالهيون ڪري ٿو، پر عملي طور ڪجهه به نٿو ڪري. وچ اوڀر جو هي غنڊو هاڻي ختم ٿي چڪو آهي.” آمريڪي صدر جو چوڻ هو: “ايران اهڙي معاهدي بابت ڳالهين ڪرڻ ۾ تمام گهڻي دير ڪري ڇڏي، جيڪو ان لاءِ بهترين ثابت ٿي سگهي پيو. هاڻي کيس ان جي قيمت چڪائڻي پوندي.”

ايران ۾ ڪٿي ڪٿي آمريڪا حملا ڪيا ۽ ڪيترو نقصان ٿيو؟
پاسدارانِ انقلاب پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته آمريڪا اڄ سوير جسڪ، سرڪ ۽ قشم جي ڪيترن ئي هنڌن تي حملا ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ سرڪ ۾ هڪ مواصلاتي ٽاور کي نقصان پهتو ۽ شهري پاڻي فراهمي جا ٻه ٽينڪ تباهه ٿي ويا.
ڪويت پاران ايراني حملا روڪڻ جو اعلان
ايران جي حملن کان پوءِ هاڻي ڪويت مان خبر آئي آهي ته هن ايران طرفان ڪيل حملن کي روڪي ڇڏيو آهي. سوشل ميڊيا پليٽفارم ايڪس تي ڪويتي فوج جي جنرل اسٽاف اعلان ڪيو آهي ته ملڪ جي فضائي دفاعي نظام “دشمن جي هوائي هدفن” کي ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي. ڪويتي فوج رهواسين تي زور ڏنو آهي ته هو “اختيارين طرفان جاري ڪيل حفاظتي هدايتن تي عمل ڪن ۽ صرف سرڪاري ذريعن کان معلومات حاصل ڪن.”
بي بي سي فارسي موجب، پاسدارانِ انقلاب دعويٰ ڪئي آهي ته هن اردن ۾ آمريڪي F-35 جنگي جهازن جي هينگرن ۽ آرمي ڪمانڊ ۽ اينڊ ڪٽرول سينٽر کي “خيبر شڪن” ٺوس تيل وارن ميزائلن سان نشانو بڻايو آهي. فارس نيوز ايجنسي پاسدارانِ انقلاب جي حوالي سان چيو آهي ته “علائقي ۾ آمريڪا جي هوائي ۽ بحري اڏن تي 21 هدفن کي نشانو بڻايو ويو.” خابرو اداري انهن حملن ۽ بعد ۾ ٿيندڙ ڌماڪن سان لاڳاپيل وڊيوز به جاري ڪيون آهن. ان کان اڳ خاتم الانبياء هيڊڪوارٽر پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته اهي حملا پاسدارانِ انقلاب ۽ ايراني فوج گڏيل طور تي ڪيا هئا.
ايران پاران آمريڪي پنجين بحري ٻيڙي تي حملي جي دعوا
ايراني فوج پنهنجي بيان ۾ اعلان ڪيو آهي ته هن ڊرون حملن جي هڪ لهر ذريعي “آمريڪي اڏن ۽ بحرين ۾ موجود آمريڪي پنجين بحري ٻيڙي جي ريڊار نظام” کي نشانو بڻايو آهي. ايراني سرڪاري نشرياتي اداري موجب، فوج انهن حملن کي ڏکڻ ايران جي رهواسين خلاف آمريڪي “هراسان ڪرڻ واري ڪارروائي” جو جوابي قدم قرار ڏنو آهي. پاسدارانِ انقلاب چيو آهي ته هن آبنائي هرمز ۾ جاري فضائي جهڙپن دوران هڪ آمريڪي MQ-9 ڊرون کي ڪيرائي ڇڏيو آهي. بيان موجب، ڊرون جو مقصد “اتر خليج فارس جي فضائي حدن مان جنگي ميدان ۾ داخل ٿي مداخلت ڪرڻ” هو. ايراني ميڊيا پاسدارانِ انقلاب جي حوالي سان چيو آهي ته ڊرون “بوشهر صوبي جي جام ضلعي جي فضائن ۾ تباهه ڪيو ويو.” سينٽڪام اڃا تائين هن دعويٰ تي ڪو جواب ناهي ڏنو.
ايران خلاف جوابي حملا مڪمل ڪرڻ جو اعلان، سينٽڪام
سينٽڪام اعلان ڪيو آهي ته هن ايران خلاف جوابي حملن جو سلسلو مڪمل ڪري ڇڏيو آهي. آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ اڳ ۾ چيو هو ته صدر ٽرمپ جي هدايت تي تهران وقت موجب اڌ رات کان پوءِ ايران خلاف “سيلف ڊفينس اسٽرائڪس” شروع ڪيون ويون. ڏکڻ ايران ۾ اربع جي صبح ٿيل فضائي حملن بابت آمريڪي عملدارن فاڪس نيوز کي ٻڌايو ته ٻين هنڌن سميت “20 هدفن” کي نشانو بڻايو ويو، جيڪي بظاهر ٽن مرحلن ۾ ڪيا ويا. ايران تصديق ڪئي آهي ته جسڪ، بندر عباس، مناب، سرڪ ۽ ڪوهه مبارڪ جي آس پاس وارن علائقن کي نشانو بڻايو ويو، پر حملن جو شڪار ٿيندڙ تنصيبات بابت تفصيل جاري نه ڪيا ويا آهن. هرمزگان جي مقامي عملدارن ٻڌايو آهي ته سرڪ واري علائقي ۾ پاڻي جا ٻه ذريعا نشانو بڻايا ويا. آمريڪي حملن کان پوءِ بيماني ضلعي ۽ ڪوهستڪ شهر ۾ پاڻي جي فراهمي بند ٿي وئي آهي. هرمزگان صوبي جي واٽر اينڊ ويسٽ واٽر ڪمپني جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر چيو آهي ته صبح جي آمريڪي حملن کان پوءِ “سرڪ ڪائونٽي ۾ پاڻي جي ورڇ جو اهم ڍانچو” تباهه ٿي ويو. عبدالحميد حمزه پور موجب، “بيماني ضلعي ۾ ٻه اهم آبي ذخيرا نشانو بڻايا ويا ۽ مڪمل طور تباهه ٿي ويا، جيڪي بيماني ضلعي ۽ ڪوهستڪ شهر کي پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا هئا.” سندس چوڻ هو ته “هن وقت بيماني ضلعي ۽ ڪوهستڪ شهر جي سڀني ڳوٺن ۾ پاڻي جي فراهمي عارضي طور بند ٿي وئي آهي.” آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته آمريڪي فوجن هڪ فوجي هيليڪاپٽر ڪيرائڻ جي جواب ۾ ايران اندر ڪارروائي ڪئي آهي. سينٽڪام موجب، ڪيرايل اپاچي هيليڪاپٽر جا ٻئي عملي جا ميمبر هڪ آمريڪي سامونڊي ڊرون ذريعي بچايا ويا هئا.

صدر ٽرمپ سمجهي ٿو ته ايران تي حملن جي باوجود امن ڊيل تي اثر نه پوندو: آمريڪي ميڊيا

آمريڪي ميڊيا موجب، صدر ڊونالڊ ٽرمپ جو خيال آهي ته ايران تي حملن جي باوجود ايران سان امن ڊيل (معاهدي) تي ڪو اثر نه پوندو. وائٽ هائوس جي هڪ اهلڪار جو چوڻ آهي ته ڊيل جي معاملي تي اڃا ڪجهه به ناهي بدليو، ايران سان ڊيل اڃا به ويجهو آهي. آمريڪا جي نائب صدر جئي ڊي وينس (JD Vance) چيو آهي ته ايران سان ڊيل ايندڙ هفتي ممڪن آهي، پر ائين به ٿي سگهي ٿو ته ان ۾ ڪيترائي مهينا لڳي وڃن. ان کان اڳ صدر ٽرمپ امڪان ظاهر ڪيو هو ته ايران سان معاهدي تي 2 کان 3 ڏينهن ۾ صحيحون (دستخط) ٿي سگهن ٿيون.

ايران پاران فائر ڪيل 5 ميزائل تباهه ڪيا ويا: اردن

اردن جي هٿياربند فوج جو چوڻ آهي ته انهن ايران کان الازرق طرف فائر ڪيل 5 ميزائل تباهه ڪري ڇڏيا آهن. اردني فوج موجب، ميزائلن کي فضائي دفاعي نظام (ايئر ڊيفينس سسٽم) ذريعي فضا ۾ ئي ڪرايو ويو ۽ ميزائلن جو ملبو مختلف علائقن ۾ ڪريو، تنهن هوندي به ڪو جاني يا مالي نقصان ناهي ٿيو. واضح رهي ته ايران رات دير سان ٿيندڙ آمريڪي حملن کانپوءِ ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪندي خطي ۾ آمريڪي اڏن کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

آمريڪي اپاچي هيليڪاپٽر تي حملي سان ڪو به تعلق ناهي، ايران

ايران آمريڪي اپاچي هيليڪاپٽر تي حملي ۾ ملوث هجڻ جي ترديد ڪري ڇڏي آهي. ايراني نائب پرڏيهي وزير قطري ٽي وي چينل ”الجزيره“ سان گفتگو ڪندي چيو ته تهران جو آمريڪي اپاچي هيليڪاپٽر تي حملي سان ڪو به تعلق ناهي. هن چيو ته ايران پاران آمريڪي هيليڪاپٽر کي ڄاڻي واڻي نشانو ناهي بڻايو ويو. آبنائي هرمز جي ڇڪتاڻ واري صورتحال ۾ اهڙا واقعا غير ارادي طور تي پيش اچي سگهن ٿا. ٻئي طرف، هڪ آمريڪي اختيارين جو دعويٰ آهي ته آمريڪي هيليڪاپٽر سان ايراني ڊرون ٽڪرايو هو، تنهن هوندي به اڃا تائين اهو ثابت ناهي ٿيو ته ائين ڄاڻي واڻي ڪيو ويو، ان بابت جاچ جاري آهي. ٻئي پاسي، ايراني عسڪري (فوجي) ذريعن موجب، هرمز ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪا به فضائي ڪارروائي ناهي ڪئي وئي. واضح رهي ته آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ تصديق ڪئي هئي ته ايران گذريل ڏينهن آبنائي هرمز جي مٿان گشت ڪندڙ آمريڪي فوج جو انتهائي جديد اپاچي هيليڪاپٽر ڪيرائي ڇڏيو. پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي پوسٽ ڪندي ٽرمپ لکيو هو ته جيتوڻيڪ هيليڪاپٽر جا ٻئي پائلٽ محفوظ رهيا آهن، پر تڏهن به آمريڪا کي ان حملي جو لازمي طور تي جواب ڏيڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو