آپريشن مرگ بر سرماچار، سيستان ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن تي حملو

آپريشن مرگ بر سرماچار، سيستان ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن تي حملو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان بلوچستان تي حملي جي جواب ۾ ايران کي جوابي آپريشن مورگبر، سرمچار ذريعي ايران کي جواب ڏنو،پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پاڪستان صبح سوير ايران جي صوبي سيستان ۾ دهشتگردن جي مخصوص پناهگاهن کي نشانو بڻايو، پاڪستان جي ڪاررواين ۾ ڪيترائي دهشتگرد مارجي ويا.پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب دهشتگرد ايران جي حڪومت عمل داري هيٺ محروم علائقن ۾ رهندا هئا، انٽيليجنس اطلاعن تي هن آپريشن کي مارگبر، سرمچار جو نالو ڏنو ويو،پاڪستاني پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنجيدگيءَ سان ڪارروائي نه ٿيڻ سبب نام نهاد سرمچار معصوم پاڪستانين جو خون وهائي رهيو آهي. قومي سلامتي جي حفاظت ۽ هر قسم جي خطرن جي خلاف دفاع لاءِ پاڪستان جو غيرمتزلزل عزم آهي.پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ هو ته ايران سان دهشتگردن جي موجودگي ۽ سرگرمين جا ٺوس ثبوت رکندڙ ڊوزيئر به شيئر ڪيا ويا آهن.انتهائي پيچيده ۽ ڪامياب آپريشن پاڪستاني فورسز جي پروفيشنلزم جو ثبوت آهي. پاڪستان پنهنجي عوام جي تحفظ ۽ سلامتي لاءِ سمورا ضروري قدم کڻندو رهندو. پرڏيهي آفيس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ اهو به چيو ويو آهي ته پاڪستان ايران جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جو مڪمل احترام ڪري ٿو، اڄ جي ڪارروائي جو واحد مقصد پنهنجي سلامتي ۽ پاڪستان جي قومي مفاد کي حاصل ڪرڻ آهي، ايران سان ڪو به سمجهوتو نه ٿو ڪري سگهجي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن ۽ مقصدن جي پاسداري ڪري ٿو، گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن ۾ ميمبر ملڪن جي علائقائي سالميت ۽ خودمختياري شامل آهي، پاڪستان پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت کي چيلينج ٿيڻ جي ڪڏهن به اجازت نه ڏيندو.پاڪستاني پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ هو ته ايران برادر ملڪ آهي ۽ پاڪستاني عوام کي ايراني عوام لاءِ عزت ۽ محبت آهي. دهشتگردي سميت گڏيل چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ هميشه ڳالهين ۽ تعاون تي زور ڏنو، مستقبل ۾ گڏيل حل ڳولڻ جي ڪوشش جاري رکنداسين، پاڪستان اسلامي جمهوريه ايران جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جو مڪمل احترام ڪري ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو