ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ايران آمريڪا معاهدو طئي ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ زبردست تيزي ڏسڻ ۾ آئي آهي، جنهن جي ڪري هنڊريڊ انڊيڪس هڪ لک 76 هزار پوائنٽن جي حد تي بحال ٿي ويو آهي. ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن ڪاروبار جي شروعات تي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ مثبت رجحان رڪارڊ ڪيو ويو، 4500 کان وڌيڪ پوائنٽن جي واڌ سان پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ هنڊريڊ انڊيڪس هڪ لک 76 هزار 917 پوائنٽن جي سطح تي پهچي ويو آهي. واضح رهي ته گذريل ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن ڪاروبار جي پڄاڻي تي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هنڊريڊ انڊيڪس هڪ لک 72 هزار 399 پوائنٽن جي سطح تي بند ٿيو هو. ٻئي طرف، ايران آمريڪا معاهدي جي ڪري ايشين اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ به زبردست تيزي ڏٺي پئي وڃي. خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب، ڏکڻ ڪوريا جي ”ڪوسپي انڊيڪس“ ۾ 5.27 سيڪڙو جي واڌ ڏسڻ ۾ آئي، جپان جي ”نڪي انڊيڪس“ ۾ به 5 سيڪڙو کان وڌيڪ تيزي رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته انڊونيشيا جي ”جڪارتا ڪمپوزٽ انڊيڪس“ ۾ 2 سيڪڙو جي واڌ ٿي آهي. چين جي ”شنگهائي ڪمپوزٽ انڊيڪس“ ۾ به هڪ سيڪڙو جي تيزي ڏسڻ ۾ آئي، جڏهن ته هانگ ڪانگ جي ”هينگ سينگ انڊيڪس“ ۾ به معمولي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي.










