ايران سان ڳالهين جو ٻيو دور جمعي تي ٿي سگهي ٿو، ٽرمپ، ايران جو 2 ڪارگو جهازن تي قبضو

ايران سان ڳالهين جو ٻيو دور جمعي تي ٿي سگهي ٿو، ٽرمپ، ايران جو 2 ڪارگو جهازن تي قبضو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ نيويارڪ وسٽ سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ايران سان ڳالهين جو ٻيو دور جمعي تي ٿي سگهي ٿو. ٻئي پاسي ايران ٻن ڪارگو جهازن کي قبضي وٺي ڇڏيو آهي، جن مان هڪ اسرائيل جو آهي. ان کان اڳ صدر ٽرمپ چيو هو ته ايران جي سڄي بحري فوج سمنڊ جي تري ۾ آهي، ايران جي هوائي فوج ختم ٿي وئي آهي، اينٽي ايئرڪرافٽ ۽ ريڊار ختم ٿي ويا آهن، ايران جي ايٽمي ليبارٽريون ۽ اسٽوريج ايريا بي-2 بمبارن تباهه ڪيا ويا آهن، ۽ انهن جا اڳواڻ مارجي ويا آهن.آمريڪي صدر چيو ته آبنائي هرموز تي پابندي آهي ۽ اهو آمريڪا جي ڪنٽرول ۾ آهي، ڪنهن به جهاز کي ايراني بندرگاهن ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ناهي، هن چيو ته ايران معاشي پريشاني جو شڪار آهي، آبنائي هرموز تي پابندي سبب ايران روزانو تقريباً 500 ملين ڊالر جو نقصان ڪري رهيو آهي.

جنگبندي باوجود اسرائيل جو لبنان تي حملو 2 صحافي زخمي

لبنان جي سرڪاري نيوز ايجنسي موجب، ڏکڻ لبنان جي ڳوٺ ال طيري ۾ ڪار تي اسرائيلي حملي سبب ٻه صحافي زخمي ٿيا آهن، ريڊ ڪراس زخمي صحافي زينب کي ريسڪيو ڪيو آهي ٻئي صحافي کي به ريسڪيو ڪرن جي ڪوشش جاري آهي. حزب الله جي “هلندڙ دهشتگرد ڪاررواين” جو حوالو ڏيندي، گذريل ڏينهن اسرائيلي فوج رهواسين کي خبردار ڪيو هو ته اهي لٽني درياهه کان پري رهن۔ 16 اپريل تي لبنان ۽ اسرائيل وچ ۾ جنگ بندي جو اعلان ڪيو ويو هو، جيڪا 10 ڏينهن تائين جاري رهڻي آهي۔ خميس تي واشنگن سفارتي سطح جي ڳالهين جي ميزباني ڪندو۔ اسرائيل ۽ حزب الله ٻنهي هڪ ٻئي تي جنگ بندي جي ڀڃڪڙي جا الزام هنيا آهن۔ ان کان اڳ اسرائيلي فوج چيو هو ته حزب الله ڏکڻ لبنان ۾ اسرائيلي فوجن تي حملو ڪيو هو۔

اڄ 3 جهاز آءِ آر جي سي نيوي قبضي ۾ وٺي ڇڏيا

بعد ۾ پاسداران انقلابيعني آءِ آر جي سي، هڪ سرڪاري بيان جاري ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو ته قبضي ۾ ورتل ٻن جهازن جو تعلق انهن جي لفظن ۾ “دشمنن” سان هو۔ بيان موجب اهي جهاز MSC Francesca ۽ Epaminodes هئا، جن تي الزام لڳايو ويو ته اهي ضروري اجازت نامن کان سواءِ هلائي رهيا هئا ۽ پنهنجي نيويگيشن سسٽم ۾ ڇيڙِڇاڙ ڪئي، جنهن سان سامونڊي سلامتي کي خطرو ٿيو۔ IRGC جي بحري فوجن ٻن واضح پيغامن ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي۔ پهريون اهو ته اهي ڏيکارڻ چاهين ٿا تههرموز لنگهه انهن جي ڪنٽرول ۽ اختيار هيٺ آهي۔ هنن اڳ به چيو آهي ته هن اهم سامونڊي گذرگاهه مان گذرڻ لاءِ سندن اجازت ضروري آهي، ۽ هنن ايران جي سامونڊي ڪناري جي ويجهو جهازن لاءِ نئين رستي جواعلان به ڪيو آهي۔ ٻيو پيغام وسيع تناظر سان لاڳاپيل آهي۔ آمريڪا ايران جي جهازن تي ناڪابندي لاڳو ڪري رهيو آهي، ۽ اهو ان جو جوابي قدم آهي۔ ايران جو چوڻ آهي ته جيستائين ناڪابندي جاري رهي ٿي ۽ ايراني جهازن تي اثرانداز ٿئي ٿي، تيستائين هي گذرگاهه بند رهندو۔ اڳ ۾ڪيترن ئي ايران سان لاڳاپيل جهازن تي آمريڪي فوج طرفان حملا يا مداخلتون ٿي چڪيون آهن۔ ياد رهي ته ايران جو هڪ تيل بردار جهاز جيڪو چين مان واپس آيو، ان کي هندي سمنڊ ۾ آمريڪي فوج روڪي قبضي ۾ ورتو هو. صدر ٽرمپ چيو هو ته ان ۾ چين پاران موڪليل تحفا هئا. چين ان جي ترديد ڪئي آهي.

هڪ جهاز پڪڙيو آهي ، جنهن چيني تحفو سٺو ناهي، ٽرمپ

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته اسان هڪ جهاز پڪڙيو آهي جنهن ۾ ڪجهه اهڙيون شيون آهن جيڪي سٺيون نه آهن، اهي شيون چين جي طرفان تحفو آهن۔ هن چيو ته مان ٿورو حيران ٿيو هوس، پر ڇاڪاڻ⁠ تہ منهنجا چين سان تمام سٺا لاڳاپا آهن ۽ مان سمجهان ٿو ته چيني صدر شي جن پنگ سان هڪ سمجهه (انڊراسٽينڊنگ) موجود آهي۔ ياد رهي ته ڊونلڊ ٽرمپ گذريل ڏينهن اشارو ڏنو هو ته جيڪڏهن بيجنگ تهران کي هٿيار فراهم ڪيا ته کيس ان جا نتيجا ڀوڳڻا پوندا۔

آمريڪا ناڪابندي ختم ڪري ته تهران ڳالهين لاءِ تيار آهي، ايران

اقوام متحده ۾ ايران جي نمائندي امير سعيد چيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا ناڪابندي ختم ڪري، ته تهران ڳالهين لاءِ تيار آهي۔ امير سعيد موجب: “اسان کي ڪجهه اشارا ملي رهيا آهن ته هو هو ناڪابندي کي ختم ڪرڻ لاءِ تيار آهن۔ جيئن ئي انهن بحري ناڪابندي ختم ڪئي، ڳالهين جو ايندڙ دور شروع ٿيندو.” هن وڌيڪ چيو ته: “اسان فوجي جارحيت شروع نه ڪئي، بلڪه انهن خلاف جنگ شروع ڪئي، ۽ ‘اسان تيار آهيون’.” ايران جي نمائندي اهو به چيو ته: “جيڪڏهن هو (آمريڪا) ميز تي ويهي ڳالهين لاءِ تيار آهن ته جيئن سياسي حل ڳولي سگهجي، ته ‘هو اسان کي به تيار ڏسندا’، ۽ جيڪڏهن ‘هو جنگ چاهين ٿا ته ايران ان لاءِ به تيار آهي’.”

صدر ٽرمپ پاران پاڪستان جي درخواست جنگبندي ۾ واڌ جو اعلان

وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جي درخواست تي ايران تي حملا بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. آمريڪي صدر سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو ته هو وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جي درخواست تي ايران تي حملا بند ڪري رهيا آهن.آمريڪي صدر چيو ته ڳالهين جي مڪمل ٿيڻ تائين جنگ بندي ۾ واڌ ڪئي ويندي، ان ڪري ايران جي تجويز پيش ٿيڻ تائين جنگ بندي ۾ واڌ ڪئي ويندي.صدر ٽرمپ چيو ته هن پنهنجي فوج کي هدايت ڪئي آهي ته هو ناڪابندي جاري رکي ۽ هر صورت ۾ تيار رهن.

پاڪستان جي مسجد اقصيٰ جي بي حرمتي جي مذمت
پاڪستان مسجد اقصيٰ جي بي حرمتي جي سخت مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان انهن قابل مذمت ڪاررواين کي بين الاقوامي قانون ۽ مقدس مقام جي تقدس ۽ تقدس جي واضح خلاف ورزي قرار ڏنو. ترجمان چيو ته اهڙيون اشتعال انگيز ڪارروايون خطي ۾ تڪرار کي وڌيڪ وڌائي سگهن ٿيون.پرڏيهي آفيس جي ترجمان مطالبو ڪيو ته مقدس هنڌن جي حفاظت لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن. ترجمان غير قانوني آبادگارن کي ڏنل ڇوٽ کي ختم ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو.ترجمان موجب، پاڪستان فلسطيني عوام سان پنهنجي مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو ۽ فلسطيني عوام جي عبادت جي حق جي سختي سان حمايت ڪري ٿو.

آمريڪي سفير مائيڪ هاڪبي اسرائيل-لبنان ڳالهين ۾ شامل ٿيندا: آمريڪي ميڊيا
آمريڪي ميڊيا چيو آهي ته اسرائيل ۾ آمريڪي سفير مائيڪ هاڪبي اسرائيل ۽ لبنان جي وچ ۾ سڌين ڳالهين ۾ آمريڪي وفد سان شامل ٿيندا.

جيڪڏهن ضرورت پئي ته ايران آمريڪي پابنديون طاقت سان ٽوڙي ڇڏينداسين: ايراني ميڊيا
ايران جي نيم سرڪاري تسنيم نيوز ايجنسي ايراني اهلڪارن جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته جيستائين آمريڪي ناڪبندي برقرار آهي تيستائين هو هرمز جي آبنائي کي ٻيهر نه کوليندو ۽ جيڪڏهن ضرورت پئي ته طاقت سان ناڪبندي ٽوڙڻ لاءِ تيار آهي. تسنيم نيوز ايجنسي موجب ايراني اهلڪارن بحري بندش کي کليل دشمني جي برابر قرار ڏنو.

ٽرمپ جي جنگبندي ۾ واڌ واري اعلان جي ڪا به اهميت ناهي: ايراني پارليامينٽ جو اسپيڪر
ايراني پارليامينٽ جي ايڊووڪيٽ اسپيڪر آمريڪي صدر جي جنگبندي ۾ واڌ واري اعلان کي رد ڪندي چيو آهي ته ان اعلان جي ڪا به اهميت نه آهي ۽ شڪست کاڌل آمريڪا شرط نه ٿو لڳائي سگهي.پنهنجي بيان ۾ صلاحڪار وڌيڪ چيو ته ايران خلاف جاري ناڪابندي دراصل بمباري جي برابر آهي جنهن جو جواب فوجي ڪارروائي جي صورت ۾ ڏنو وڃي.هن چيو ته جنگبندي جي توسيع دراصل سرپرائز حملي لاءِ وقت خريد ڪرڻ جي هڪ چال ٿي سگهي ٿي، ان ڪري ايران کي پاڻ ئي ڪوشش ڪندي صورتحال تي ضابطو آڻڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو