ايران جنگ جلد ختم ٿي ويندي، ٽارگيٽ باقي بچا ئي نه آهن، ٽرمپ

ايران جنگ جلد ختم ٿي ويندي، ٽارگيٽ باقي بچا ئي نه آهن، ٽرمپ

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ميڊيا آئوٽ ليٽ آڪسيو Axios کي ٻڌايو آھي ته جنگ “جلد” ختم ٿي ويندي ۽ “تقريبن ڪجھ به نشانو بڻائڻ لاءِ باقي نه بچيو آھي”. آڪسيو موجب، ٽرمپ چيو آھي: “جڏھن به مان چاھيان ٿو ته اھا ختم ٿئي، اھا ختم ٿي ويندي”.
ھي تڪرار 28 فيبروري تي اسرائيل سان گڏجي شروع ڪيو ويو ھو، جنھن جي دفاعي وزير اسرائيل ڪيٽز اربع ڏينھن چيو آھي ته جنگ “ڪنھن به وقت جي حد کان سواءِ جاري رھندي”.
ڪيٽز موجب، تڪرار جاري رھندو جيترو ضروري ھجي ۽ جيستائين اسرائيلي-آمريڪي گڏيل مهم جا سڀ مقصد حاصل نه ٿين.

پهنجو تبصرو موڪليو