ايراني بندرگاهه ڌماڪو، فوتين جو انگ 25 ٿي ويو

ايراني بندرگاهه ڌماڪو، فوتين جو انگ 25 ٿي ويو

تهران(ويب ڊيسڪ)آچر ڏينهن به ايران جي سڀ کان وڏي واپاري بندرگاهه تي ٿيل وڏي ڌماڪي کان پوءِ اڃا تائين باهه ڀڙڪي رهي آهي، جنهن ۾ مقامي ميڊيا جي مطابق گهٽ ۾ گهٽ 25 ماڻهو مارجي ويا ۽ 800 جي لڳ ڀڳ زخمي ٿيا. هي ڌماڪو ڇنڇر ڏينهن ڏکڻ ايران جي شهيد رجائي بندرگاهه تي ٿيو، جيڪو هرمز لنگهه جي ويجهو آهي، جتان دنيا جي تيل جي پيداوار جو پنجون حصو جهازن ۾ لنگهي ٿو. بندرگاهه جي ڪسٽم آفيس رياستي ٽيليويزن تي جاري بيان ۾ چيو ته ڌماڪو امڪاني طور تي انهن خطرناڪ ۽ ڪيميائي مواد جي اسٽوريج ڊپو ۾ لڳندڙ باهه جي نتيجي ۾ ٿيو. علائقائي ايمرجنسي آفيسر ٻڌايو ته ڪيترن ئي ڪنٽينرن ۾ ڌماڪا ٿيا. دي نيو يارڪ ٽائيمز هڪ اهڙي شخص جو حوالو ڏيندي لکيو، جنهن جو ايران جي اسلامي انقلابي گارڊ فورس سان تعلق آهي ۽ جيڪو حفاظتي معاملن تي ڳجهي طور ڳالهائي رهيو هو، ته ڌماڪو سوڊيم پرڪلوريٽ جي ڪري ٿيو، جيڪو ميزائلن ۾ سالڊ تيل جو اهم جز آهي. ايراني نيوز ايجنسي تسنيم، صوبي جي عدالتي سربراهه جو حوالو ڏيندي، آچر تي اپڊيٽ ڏني ته هيستائين 25 ماڻهو فوت ٿيا آهن. رياستي ٽي وي ٻڌايو ته لڳ ڀڳ 800 ماڻهو زخمي ٿيا آهن. آچر تي لائيو فوٽيج ۾ اڃا تائين ڪاري دونهين جا گهاٽا بادل نظر اچي رهيا آهن. هڪ رياستي ٽي وي رپورٽر ڌماڪي کان 20 ڪلاڪ پوءِ سائيٽ تان رپورٽ ڪندي چيو: “باهه قابو ۾ آهي، پر اڃا مڪمل طور وسامي نه آهي.” فارس نيوز ايجنسي ٻڌايو ته ڌماڪو ايترو زورائتو هو جو اهو لڳ ڀڳ 50 ڪلوميٽر پري تائين محسوس ڪيو۽ ٻڌو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو