ايجنسين جو ڪم فون ٽيپ ڪرڻ نه پر تحفظ ڏيڻ آهي: عمران خان

ايجنسين جو ڪم فون ٽيپ ڪرڻ نه پر تحفظ ڏيڻ آهي: عمران خان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيشي جي موقعي تي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪئي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس پابندي مڙهيل فنڊنگ ڪيس ۾ عمران خان کي حفاظتي ضمانت جي درخواست داخل ڪرڻ بعد عدالت ۾ طلب ڪري ورتو.عدالت پهچڻ تي صحافي عمران خان کان سوال ڪيو ته جيڪڏهن ضمانت نه ملي ته ڇا ٿيندو؟ ان تي اڳوڻي وزيراعظم جواب ڏنو ته ”جيل“، مون به جيل جي تياري ڪئي آهي.عمران خان چيو ته انٽيليجنس ايجنسيون نگراني ڪنديون آهن، ٽيليفون ٽيپ ڪيا ويندا آهن پر ان کي جاري ڪيو پيو وڃي جيڪو قومي سلامتي جو مسئلو آهي، ايجنسين جو ڪم ناهي ته فون ٽيپ ڪري ان کي آزاد ڪري، ايجنسين جو ڪم تحفظ ڏيڻ آهي.صدر جي حوالي سان عمران خان چيو ته عارف علوي پنهنجي بيان جي وضاحت ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو