اسلام آباد ( بيورو) عدالت زال کي قتل ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار سينيئر صحافي اياز امير جي پٽ شاهنواز کي ٻن ڏنهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي. گذريل ڏينهن گهرواري کي قتل جي الزام هيٺ گرفتار ٿيندڙ جوابدار شاهنواز کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو . ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد ۾ ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر جوابدار جي والدين جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ جي درخواست ڪئي جنهن تي جج پڇاڻو ڪيو ته توهان جوابدارن جي والدين جي گرفتاري وارنٽ ڇا لاءِ گهرجن؟جاچ آفيسر جواب ڏنو ته جوابدار شاهنواز جي والدين کان جاچ ڪرڻي آھي، جنهن تي عدالت سينيئر صحافي اياز امير ۽ سندس گھر واري جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.جنهن بعد عدالت جوابدار شاهنواز جي ٻن ڏينهن جو جسماني رمانڊ پڻ منظور ڪندي کيس اسلام آباد پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.










