اسلام آباد(بيورو رپورٽ) تيل ۽ گيس جي ريگوليشن واري اداري اوگرا تيل جي قيمتن جي تعين واري نئين فارمولي موجب پيٽرول ۽ ڊيزل جون نيون قيمتون وڌائڻ جي سفارش ڪئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته نئين فارمولي موجب 8 کان روپيا پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ واڌ ممڪن آهي پر فيصلو حڪومت ڪندي. ذريعن موجب تيل ڪمپنين جي نقصان جي ازالي لاءِ 4 کان 5 روپيا واڌ اڻ ٽر آهي. نيون قيمتون پهرين سيپٽمبر ڱان 15 سيپٽمبر تائين ڪارگر هونديون.










