اولڊ مارٽن جي نئين سر تعمير بابت ايم او يو تي صحيح

اولڊ مارٽن جي نئين سر تعمير بابت ايم او يو تي صحيح

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر سنڌ حڪومت جي شهري تعميراتي منصوبي تي عمل ڪرڻ لاءِ اولڊ مارٽن، ڪليٽن ۽ جهانگير ڪوارٽرن جي خالي پلاٽن تي وڏيون عمارتون تعمير ڪرڻ جي حوالي سان هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وفاقي وزارت سان مفاهمت جي ياداشت (MOU) تي دستخط ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اهو فيصلو سنڌ جي وڏي وزير هائوسنگ ۽ ورڪس واري وفاقي وزارت سان وڊيو لنڪ ذريعي ملاقات دوران سامهون آيو. اجلاس ۾ وفاقي سيڪريٽري هائوسنگ اينڊ ورڪس ڊاڪٽر شهزاد بنگش پنهنجي ٽيم سميت اسلام آباد مان وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي جڏهن ته وڏي وزير جي معاونت ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، چيئرمين پي اينڊ ڊي شڪيل منڱڻيجو، سيڪريٽري بلديات منظور شيخ، ڊي جي پي اينڊ ڊي اسد ضامن ۽ ٻين ڪئي. وڏي وزير چيو ته هن شهري بحالي/ نئين سِر تعمير واري منصوبي تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي جنهن تحت مارٽن، ڪليٽن، جهانگير ڪوارٽرن ۽ پاڪستان ڪوارٽرن جي خالي پلاٽن تي وڏا پلازا ٺاهيا ويندا جيڪي زبون حالت ۾ آهن. جسٽس باقر چيو ته هي پراڻا ڪوارٽر 240 ايڪڙ ايراضي تي ضلعي اوڀر ۽ ضلعي سينٽرل اندر قائم ڪيا ويا آهن. هن وڌيڪ چيو ته 1959ع ۾ راڄڌاني جي منتقلي کانپوءِ وفاقي حڪومت پاران ڪوارٽرن جي سار سنڀال نه ڪئي وئي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته رٽائرمينٽ کانپوءِ وفاقي ملازمن سرڪاري رهائشگاهون خالي نه ڪيون ۽ سندن ٻارن ۽ ٻين ڪجهه ماڻهن گهرن جي چوڌاري کليل جاين تي پڻ قبضا پڻ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. وڏي وزير چيو ته شهري بحالي واري منصوبي جو بنيادي مقصد رهائشي سوسائٽين کي بهتر بڻائڻ، انفراسٽرڪچر ۽ عوامي خدمتن ۾ سڌارو آڻڻ، علائقن ۾ معاشي سرگرميون وڌائڻ ۽ روزگار جا نوان ۽ معاشي موقعا پيدا ڪرڻ آهي. وفاقي سيڪريٽري هائوسنگ پڻ اهڙو ئي پلان شيئر ڪيو ۽ آخر ۾ اتفاق ڪيو ويو ته منصوبي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت وچ ۾ ايم او يو تي صحيحون ڪيون وڃن. وڏي وزير پنهنجي ٽيم کي هدايت ڪئي ته هو ايم او يو جو مسودو تيار ڪري ان کي وفاقي حڪومت سان شيئر ڪري ته جيئن ايندڙ ٻن هفتن ۾ ان تي صحيحون ٿي سگهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو