انگلينڊ پاران ٽي 20 ڪرڪيٽ ۾ نئين تاريخ رقم

انگلينڊ پاران ٽي 20 ڪرڪيٽ ۾ نئين تاريخ رقم

اولڊ ٽريفورڊ (ويب ڊيسڪ)انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم ٽي 20 ۾ هڪ نئين تاريخ رقم ڪئي آهي.اولڊ ٽريفورڊ ۾ کيڏيل ميچ ۾ ميزبان انگلينڊ ڏکڻ آفريڪا خلاف 2 وڪيٽن جي نقصان تي 304 رنسن جو جبل جهڙو هدف مقرر ڪيو.انگلينڊ طرفان فل سالٽ ٽي 20 تاريخ ۾ تيز ترين سينچري اسڪور ڪئي ۽ ڏکڻ آفريقي بالرن کي حيران ڪري ڇڏيو. هن صرف 39 بالن ۾ سينچري اسڪور ڪري پنهنجي ساٿي ليام ليونگ اسٽون جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو. هو 60 بالن ۾ 141 رنسون ٺاهڻ کان پوءِ ناٽ آئوٽ رهيو، سندس اننگ ۾ 15 چوڪا ۽ 8 ڇڪا شامل هئا.اهو ياد رکڻ گهرجي ته ليام ليونگ اسٽون 2021 ۾ پاڪستان خلاف ٽي 20 سيريز ۾ 42 بالن ۾ سينچري اسڪور ڪئي.جوس بٽلر پڻ انگلينڊ لاءِ بهترين بيٽنگ ڪارڪردگي ڏيکاري، 30 بالن تي 83 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته جيڪب بيٿل 24 رنسون ٺاهيون ۽ ڪپتان هيري بروڪ 21 بالن تي 41 رنسن جي ناٽ آئوٽ اننگز کيڏي.هدف جي تعاقب ۾، ڏکڻ آفريڪا انگلينڊ خلاف 158 رنسون ٺاهيون ۽ پوري ٽيم آل آئوٽ ٿي وئي، ۽ اهڙي طرح انگلينڊ مهمان ٽيم کي 146 رنسن سان شڪست ڏئي سيريز 1-1 سان برابر ڪري ڇڏي.انگلينڊ جي جوفرا آرچر 25 رنسن ڏئي 3 وڪيٽون ورتيون جڏهن ته سام ڪرن 11 رنسن ڏئي 2 وڪيٽون ورتيون.

پهنجو تبصرو موڪليو