حيدرآباد(ن س )حيدرآباد ۾ وومين ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ جي ڪمپلينٽ سيل ۽ سيشن ڪورٽ جي حڪم تي پوليس ڪارروائي ڪندي انڊونيشين ناري اندا مرلين کي بازياب ڪرائي ورتو آهي.ڪمپلينٽ سيل جي انچارج نسرين پليجو موجب ناري ميسيج ذريعي شڪايت ڪئي هئي ته کيس شاديءَ جي بهاني پاڪستان گھرائي قيد ڪيو ويو آهي. نسيم نگر پوليس جي عدم تعاون ۽ ناريءَ جي عدم موجودگيءَ واري لکيل جواب کانپوءِ سيشن ڪورٽ سان رابطو ڪيو ويو، جنهن جي حڪم تي ناريءَ کي بازياب ڪرايو ويو. بازياب ٿيل ناريءَ کي وومين پوليس اسٽيشن حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي.










