انڊس هاءِ وي تي ٻن ٽرڪن ۾ ٽڪر 1 فوت، 5 ڄڻا زخمي

انڊس هاءِ وي تي ٻن ٽرڪن ۾ ٽڪر 1 فوت، 5 ڄڻا زخمي

مانجهند (ن س)علي آباد ڀرسان انڊس هاء وي تي ٻن ٽرڪن ۾ ٽڪر هڪ فوت 5 زخمي اسپتال منتقل تفصيل موجب علي آباد ڀرسان ڳوٺ فقيرداد کوسو وٽ انڊس ھاء وي تي خراب بيٺل ٽرڪ سان پويان کان ايندڙ تيز رفتار ٽرڪ ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ٽرڪ ڊرائيور بلوچستان جي جعفرآباد جو رهواسي 45 ورهين جو غلام رسول ڀٽي موقعي تي فوت ٿي ويو جڏھن ت ٻنهي گاڏين ۾ سوار رانجهن ڀٽي احسن ڀٽي لاڙڪاڻو واسي زاهد حسين ڀٽو نجم الدين ڀٽو تسليم ڀٽو زخمي ٿي پيا فوتي ڊرائيور جو لاش ھڪ ڪلاڪ تائين ٽرڪ ۾َ ڦاٿل رهيو جنهن بعد خاڻوٺ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي ڪڍي زخمين کي لمس اسپتال ڄامشورو منتقل ڪيو پوليس ٻنهي ٽرڪن کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو جڏھن ت واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو