ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر سستو، اوپن مارڪيٽ ۾ مهانگو ٿي ويو.انٽر بئنڪ ڪاروبار جي پڄاڻي تي ڊالر 284 رپيا 97 پئسا تي پهچي ويو. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب انٽر بئنڪ ۾ اڄ ڊالر جي قيمت ۾ 11 پئسا گهٽتائي ٿي آهي.ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 285 رپيا 8 پئسا تي بند ٿيو.ان کان علاوه اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 3 رپيا 292 رپيا مهانگو ٿي ويو آهي.










