انٽر بئنڪ ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر ۾ 30 کان 40 رپين جو فرق آهي:اپٽما

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)آل پاڪستان ٽيڪسٽائل ملز ايسوسيئيشن (اپٽاما) پنجاب زون جي چيئرمين حامد زمان جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ ڊالر جي کوٽ آهي، انٽر بئنڪ ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ 30 کان 40 رپين جو فرق آهي.اپٽاما پنجاب زون جي چيئرمين حامد زمان پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ملڪ کي فائدو درآمد نه پر لگزري امپورٽ بند ڪرڻ سان ٿيندو آهي.حامد زمان وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن خام مال ۽ مشينري نه هوندي ته ڪم ڪيئن ٿيندو، جيڪڏهن درآمد بند ٿي ته ٽيڪسٽائيل انڊسٽري بند ٿي ويندي ۽ لکين خاندان تباهه ٿي ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو