انٽر بئنڪ: ڊالر 287 رپيا 20 پئسا ٿي ويو

انٽر بئنڪ: ڊالر 287 رپيا 20 پئسا ٿي ويو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)اڄ ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن جي شروعات تي انٽر بئنڪ ايڪسچينج ۾ ڊالر جي قدر ۾ صرف 1 پئسا واڌ ٿي وئي آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر مهانگو ٿيڻ بعد 287 رپيا 20 پئسا ٿي ويو.گذريل ڪاروباري هفتي جي آخر ۾ انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 287 رپيا 19 پئسا تي بند ٿيو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ مثبت ڪاروباري رجحان ڏٺو ويو آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 111 پوائنٽن جي واڌ سان 41 هزار 412 تي پهچي ويو.گذريل ڪاروباري هفتي جي آخر ۾ 100 انڊيڪس 41,301 پوائنٽس تي بند ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو