انٽرويو نه ڏيڻ تي ڪوڙو سيڪس اسڪينڊل ٺاهيو ويو، ريما

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) لالي ووڊ جي ماضي جي مقبول ادڪاره ريما انڪشاف ڪيو آهي ته ماضي ۾ ان جو هڪ سياستدان سان اسڪينڊل بڻايو ويو جيڪو ڪوڙ تي ٻڌل هيو. ريما خان مطابق سياستدان سان جڙيل اسڪينڊل بڻجڻ تي ان کي کوڙ ساريون تڪليفون پيش آيون ۽ هو اڄ به ان اسڪينڊل جي باري ۾ سوچي دل شڪسته ٿي ويندي آهي. ريما ماضي ۾ ٺهندڙ ان اسڪينڊل جو ذڪر ته ڪيو ته پر هن ان سياستدان جو نالو کڻڻ کان پاسو ڪيو جن سان ان جو ڪوڙو اسڪينڊيل بڻايو ويو. انڊپينڊنٽ اردو کي ڏنل انٽرويو ۾ اداڪاره ريما دعويٰ ڪئي ته ڄاڻايل اسڪينڊل ڪوڙو هيو ۽ هڪ صحافي بڻايو هو. ريما خان چيو ته جنهن صحافي اهو ڪوڙو اسڪينڊل بڻايو ان جو خيال هو ته مان ان کي انٽرويو نه ٿي ڏيان ۽ گهڻا نخران ٿي ڪيان. اداڪاره اسڪينڊل ٺاهيندڙ صحافي جو نالو به کڻڻ کان انڪار ڪندي هن دعويٰ ڪئي ته صحافي ئي شان ۽ ان کي هڪ ٻئي خلاف بيان ڏيڻ لاءِ چوندو رهيو. اداڪاره ٻڌايو ته جڏهن هو ۽ شان فلم انڊسٽري ۾ آيا ته ڏسندي ئي ڏسندي مشهور ٿي ويا ۽ انهن کي سپر اسٽار جهڙي حيثيت ملي وئي ۽ ماڻهون انهن کي چاهڻ لڳا. ريما ٻڌايو ته جڏهن ان کي شهرت ملي ۽ فلم انڊسٽري جو حصو بڻي ان وقت هو ۽ شان ٻئي ننڍي عمر جا هيا ۽ انهن کي ٽين ايجر جوڙو چيو ويندو هو ۽ ٻنهي جي گهٽ عمر جو فائدو صحافين کنيو. اداڪاره جو چوڻ هو ته گهٽ عمر هجڻ ڪري شان ۽ ان ۾ ميچوئرٽي نه هئي ۽ صحافي ان کي هڪ ٻئي خلاف بيان بازي لاءِ تيار ڪندا هئا. اداڪاره چيو ته ان وقت ڪو صحافي ملندو هو ته ائين چوندو هو ته شان تنهنجي خلاف هي ڳالهيون ڪري رهيو آهي ۽ جڏهن ڪو شان سان ملندو هو ته ان کي چوندو هو ته ريما توهان جي خلاف گهٽ وڌ ڳالهائي رهي هئي جنهن کان پوءِ اسان هڪ ٻئي خلاف ڳالهيون ڪندا هئاسين ۽ صحافي اسان جي ڳالهين کي اخبارن ۾ وڏين هيڊنگن سان هڻندا هئا. اداڪاره تسليم ڪيو ته هن ۽ شان وچ ۾ اختلاف رهيا ۽ اهو به اعتراف ڪيو ته اسان ٻنهي گڏجي بهترين ڪم ڪيو پر هڪ ٻئي سان گڏ رهي بهترين ڪم جو موقعو نه مليو. ياد رهي ته ريما خان 2011 ۾ پاڪستاني ڄائي آمريڪي ڊاڪٽر طارق شهاب سان شادي ڪئي ۽ آمريڪا منتقل ٿي وئي. شاديءَ جي ڪجهه سالن تائين هو شوبز کان پري رهي پر بعد ۾ هن شوبز ۾ واپسي ڪئي ۽ هو مختلف تقريبن ۽ منصوبن ۾ ڏسڻ آئي. ريما خان کي هڪ پٽ به آهي ۽ شاندار اداڪاري تي هلندڙ سال جي مارچ ۾ پاڪستان حڪومت ان کي تمغه حسن ڪارڪردگي سان به نوازيو هيو.

پهنجو تبصرو موڪليو