پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي سڌ سماءَ واري صلاحڪار بئريسٽر محمد علي سيف چيو آهي ته انٽرنيٽ سست ڪرڻ جي غير آئيني قدم تي عوام روئي رهيو آهي.پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر سيف الله چيو ته سست انٽرنيٽ سبب آن لائين ڪاروبار کي اربين رپين جو نقصان ٿيو آهي.هن چيو ته ملڪ ۾ سست انٽرنيٽ اي ڪامرس، ڊجيٽل ۽ آئي ٽي سيڪٽر کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.بئريسٽر سيف جو چوڻ آهي ته جڏهن ٻيا ملڪ پنهنجي شهرين کي 5 جي ۽ جديد انٽرنيٽ جون سهولتون فراهم ڪري رهيا آهن، وفاقي حڪومت جي نااهل ٽيم ملڪ کي پٿر جي دور ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي.هن چيو ته انساني حقن جي تنظيمن کي پاڪستان ۾ فائر والز ۽ انٽرنيٽ جي سستي خلاف آواز اٿارڻ گهرجي.










