انقلاب جو رومانس

انقلاب جو رومانس

طفيل مگسي
انساني تاريخ پڙھندي ۽ ان عمر تائين پهچندي پهچندي ڪجه خوفناڪ نشن جو اندازو ٿي چڪو آھي.جيڪو اوهان کي جيل کان فاسي گهاٽ يا قبر تائين وٺي ويندو.ليڪن پوء به ان کي اوهان ڪڏھن به نه ڇڏي سگهندو.سڀ کان وڏو نشو ته حڪمرانيء جو آھي.جنهن جي لاء انسان پنهنجيون زندگيون به ارپيندا آيا آھن ۽ ٻين جون زندگيون وٺندا به آيا آھن.پاڻ جهڙن انسانن کي پنهنجي درٻار ۾ ڪنڌ جهڪائڻ ۽ پنهنجي شان ۾ ڏينهن رات سائين سائين ڪندي ڏسڻ ۽ ڪنهن عهدي يا فيور جي لاء سندن جي گوڏن ۾ ويٺو ڏسي ڪري جيڪو سڪون کين کي ملي ٿو.ان جو اندازو ڪرڻ مشڪل آھي. ٻيو وڏو نشو شھرت جو آھي ته اوهان مشھور ٿي وڃو.ماڻھو اوهان کي هرهنڌ سڃاڻين. ماڻھو اوهان کي پاسا ورائي ورائي ڪري ڏسن ۽ اوهان کي ڏسي ڪري اشارا ۽ سسبسون ڪن ۽ اوهان بي نيازي سان گذري وڃو. ان کان به وڏو نشو هڪ ٻيو به آھي ۽ اھو آھي واه واه ڪرڻ.پاڻ کي بهادر ۽ بي ڊپو ثابت ڪرڻ جو نشو ۽ جڏھن اهو نشو اوهان تي ڇائنجي وڃي ٿو ته هرڪو اوهان جي تعريف ڪري رهيو آھي.اوهان کي پنهنجن ڪلهن تي ويهاري رهيو آھي.اوهان کي بانس تي چاڙھي رهيو آھي.واه واه سائين سائين اهڙو بانس آھي.جنهن تي جيڪو هڪ ڀيرو چڙھي ويو اهو سڌو مٿي هليو ويو پر ڪڏھن ھيٺ نه لٿو. ليڪن انهن سڀني کان اڃا به وڏو نشو انقلاب جو رومانس آھي.انساني مزاج آھي ته هو صدين کان وڙھندو آيو آھي.پنهنجو پاڻ کان طاقتورن جي خلاف بغاوت ڪندو آيو آھي.هو پاڻ جهڙن انسانن جي سامهون جهڪڻ کان انڪاري رهيو آھي.هو انهن مٺ جيترن طاقتور ماڻھن جي ٺاهيل سماج ۽ انهن جي اصولن کي سجدو ڪرڻ کان انڪاري رهيو آھي.انقلاب صرف سماجي ومعاشي ئي نه آيا بلڪ ڪافي مذھب به انقلاب بڻجي ڪري اڀريا ۽ معاشرن ۾ موجود ماٺار کي ٽوڙيائون.تاريخ جي ڪهه وڏن انقلابن جي باري ۾ پڙھو ته اوهان کي اندازو ٿيندو ته انهن سڀني جي پٺيان معاشي سبب هئا.غربت هئي. نوجوان هئا.حڪمرانن جي بي حسي ۽ وڏي پيماني تي انهن جون عياشيون ۽ ماڻھن کان ڳرا ڳرا ٽيڪس وصول ڪري پاڻ تي خرچ ڪرڻ ۽ ھن ڳاله کان لاپرواه ته عوام کان جيڪو ٽيڪس وٺي رهيا آھن.اهو ڪهڙي حالت ۾ آھي. اوهان جيڪڏھن صرف روس ۽ فرانس جا ٻه وڏا انقلاب ڏسي وٺو ته اهي ئي ٻه عنصر اوهان کي ملندا يعني امير ۽ غريب جو وڌندڙ فرق ۽ حڪمران طبقن جون عياشيون. نوجوان رت سدائين انقلاب يا تبديلي جي لاء موزون سمجهيو ويندو آھي ۽ انهن جي خوابن کي وڪڻڻ آسان ڪم رهيو آھي. مون تي پاڻ لفظ انقلاب جي حقيقت ان وقت آشڪار ٿي.جڏھن مون کي روسي اديب ميڪسم گورڪي جو“ماء“ناول پڙھڻ جي لاء مليو هو.ان ناول به منهنجي سوچ بدلائي ڇڏي ۽ منهنجي اندر هڪ رومانس ڀري ڇڏيو.جڏھن ناول جي خوبصورت وسندر نينگري نتاشا کي پڙھون ٿا ته ڪيئن اها به روسي انقلاب کان اڳ واري ماحول کان متاثر ٿي ڪري هڪ انقلابي نوجوان کي جوائن ڪري ٿي.نتاشا جيڪا هڪ امير گهراڻي جي ڇوڪري سڀ عياشي ڇڏي ڪري انقلاب جي رستي تي راهي ٿي پئي.ان ناول جي مرڪزي ڪردار پاويل جي ماء جو ڪردار اوهان کي ڪيتري عرصي تائين پنهنجي گهيري ۾ وٺي رکي ٿو.ڪنهن دور ۾ اھوناول“دي مڌر“ هر انقلابي يا کاٻي ڌر جي ماڻھن جي لاء هڪ بائيبل جي حيثيت رکندو هو.هر نوجوان کي پهرين اهوئي پڙھڻ جي لاء ڏنو ويندو هو.هر نوجوان پاڻ کي ان ناول جو حصو پاويل سمجهندو ۽ هر نينگري پاڻ کي نتاشا سمجهندي هئي.رومانس ۾ ٻڏل هر انسان انقلاب آڻڻ جي لاء هر رت جي وادي پار ڪرڻ جي لاء اوسيئڙي ۾ رهندو آھي. ناول ۾ ماء به جيڪا پنهنجي پٽ جي انهن انقلابي سرگرمين کان خفا هئي.اها هوريان هوريان راضي ٿيڻ شروع ٿي وڃي ٿي ۽ جڏھن سندس پٽ گرفتار ٿيئي ٿو ته هڪ ڏينهن هوء پاڻ پمفليٽ ورهائڻ شروع ڪري ڇڏي ٿي. اهڙين لکڻين کان بالشويڪ انقلاب جنم ورتو.نوجوان متاثر ٿيا.لينن.ٽراٽسڪي ۽ اسٽالن ۽ ٻين جنم ورتو.روسي زار جي خلاف تحريڪ شروع ٿي.نيٺ انقلاب آيو.زار جي سموري خاندان کي قتل ڪيو ويو.اهوئي ٽراٽسڪي جيڪو انقلاب جي بانين منجهان هو.هن جا لينن جي موت کانپوء اسٽالن سان اختلاف پيدا ٿيا.ٽراٽسڪي جلاوطني ۾ ھليو ويو ۽ پنهنجي ڪامريڊ اسٽالن جي خلاف لکڻ شروع ڪيائين.چيو وڃي ٿو ته هڪ ڏينهن اسٽالن جي ايجنسيء هن کي ڳولي ڪري قتل ڪري ڇڏيو.ساڳئي اسٽالن وري پنهنجي دور ۾ لکين رياستن جا ماڻھو مارايا. انقلاب فرانس ۾ به ساڳيو ئي حشر ٿيو يعني جڏھن اتي بادشاه سلامت پنهنجين عياشين ۾ مصروف ٿيو.عوام تي ٽيڪس جو ٻوجه وڌو ويو.فرانس جي آبادي وڌڻ لڳي.۽ ان جي مقابلي ۾ غربت وڌي.موسمن تباهي پکيڙي ڇڏي جنهن سبب پوکون پڻ گهٽ ٿيون.اناج جي کوٽ ٿي ۽ مهانگائي ايتري ته وڌي وئي ته هاڻي ماڻھن وٽ خريدڻ جي لاء پئسا نه هئا.جڏھن ته بادشاه سلامت ۽ حڪمران طبقو انهن ڳالهين کان بيپرواه عياشين ۾ لڳو پيو هو.آبادي جي بم جي سائيز وڌندي وئي.بيروزگاري به وڌندي وئي ۽ ائين چڻگيون دکڻ شروع ٿيون .جن سموري فرانس کي ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيو.ماڻھن کي آزادي جا خواب ڏيکاريا ويا ته اهي هاڻي پنهنجي مرضي جي زندگي جيئندا.نوجوانن اهو نعرو پسند ڪيو.ڇاڪاڻ ته آزادي اهو نعرو آھي.جنهن جي لاء ماڻھو جانين جا نذرانا ڏيندا آيا آھن.هزارين ماڻھو فرانس جي انقلاب ۾ ماريا ويا.هرهنڌ ڦاسي گهاٽ کلي ويا.ان انقلاب کان فرانسيسين جو خيال هو ته انهن جون زندگيون هاڻي آسان ٿينديون.بادشاه ۽ عياش پرست طبقي کان ڇوٽڪارو ملندو. اڃا فرانس جي انقلاب جا اثر هلي رهيا هئا ته ان انقلاب جي ڪک کان نيپولين جنم ورتو.جنهن فرانسيسين کي عظيم بنائڻ جو نعرو ڏنو.اهي فرانسيسي نوجوان ۽ شھري جن کي ماني به نٿي ملي هئي.اهي اڳ ئي انقلاب جي نعري جي رومانس ۾ جوان ٿي رهيا هئا.ٿه هاڻي سندن ذھنن ۾ فرانس جي عظمت ويهاري وئي.ائين فرينچ جيڪي غربت.بک ۽ بادشاهن جي عياشن کان تنگ ٿي چڪا هئا.جنهن تي هنن انقلاب آندو هو ته هاڻي نيپولين انهن کي گڏ کڻي ڪري سڄي يورپ کي باه ڏيڻ جي لاء نڪري پيو.هن يورپ ۽ روس ۾ جنگين جي نئين شروعات ڪئي.انهن جنگين ۾ ثيهن کان چاليه لک ماڻھو اجل جو شڪار ٿي ويا.نيپولين کي عظيم جنرل سمجهيو وڃي ٿو.هن جي عظيم بنجڻ کي جنون چئو يا خواب .ليڪن ان جي قيمت انهن ٽيهن چاليهن لکن انسانن پنهنجي جان ڏئي ڪري ادا ڪئي.جن منجهان ڪنهن هڪ جي نالي جي به اوهان کي پروڙ ناهي. لينن.ٽراٽسڪي.نيپولين.اسٽالن کي سڀ سڃاڻين ٿا .ليڪن جن ماڻھن جي لاشن تي اهو انقلاب برپا ڪيائون ۽ پاڻ جهڙن انسانن جو قتل عام ڪيائون يا انهن جي عظمت جي نالي تي ماريا ويا.اهي ڪٿي نه ڪٿي گمنام قبرن ۾ اگهور ابدي ننڊ ستا پيا هوندا. اهو طئي آھي ته عظمت و وڏائي جي شڪار ليڊرن جي لاء انقلاب آڻڻ ان وقت آسان ٿي وڃي ٿو.جڏھن معاشري جا ماڻھو خاص طور تي نوجوان وڏي انگ ۾ مايوس ٿي وڃن ٿا.جڏھن حڪمران طبقو پنهنجين عياشين کان ان ريت وٿ ڊراء ٿيڻ نٿو چاهي جيئن فرنچ اميرن جو نمائندو بادشاه لوئي ۽ روس زار پوئياڙي وارن ڏھاڙن تائين نه سمجهي سگهيا ته انهن جون پنهنجيون نالائقيون ۽ عياشيون انهن جو ڪم آسان ڪري رهيون آھن.جيستائين حڪمران طبقو پاڻ نه بدلبو.پنهنجيون عياشيون ختم.نه ڪندو.ڪنهن جي لاء به نوجوانن کي اڪسائڻ تمام آسان رهندو.ميڪسم گورڪي جي ناول ماء جا پاويل ۽ نتاشا جهڙا ڪردار هر دور ۾ انقلاب جي رومانس ۾ جانين جا نذرانا ڏيندا رهندا.انهن جي حسرتن کي چند ليڊر انهن جي لاشن تي پنهنجو قد مٿاهون ڪري تاريخ ۾ پنهنجو نالو لکرائيندا رهندا.جيئن نيپولين.لينن.ٽراٽسڪي يا اسٽالن لکرايو.جيستائين دنيا جي ڪنهن به معاشري ۾ غربت.مهانگائي.بي انصافي .بيروزگاري.اميرغريب جو وڌندڙ فرق.حڪمران طبقن جون عياشيون .انهن نوجوانن کي نظر اينديون رهنديون.پاويل ۽ نتاشا جهڙا ڪردار پيدا ٿيندا رهندا …

پهنجو تبصرو موڪليو