انسان+ڪڻڪ ۽ جنت !!!

انسان+ڪڻڪ ۽ جنت !!!

طفيل مگسي
ڪڻڪ جي ڪهاڻي اصل ۾ انسان جي مڪمل ڪهاڻي آهي يعني هڪ داڻي کان شعور تائين۔هڪ چونڊ کان تهذيب تائين۔روايت چئي ٿي ته جنت ۾ حضرت آدم جيڪو منع ٿيل ميوو کاڌو اهو ڪڻڪ جو سلو هو ۽ انهيء هڪ داڻيء کيس کي اهڙي دنيا کان ڪڍي چڏيو۔جتي نه بک هئي نه محنت ۽ هڪ اهڙي زمين تي لاهي ڦٽو ڪيو ويو۔جتي پگهر۔خوف۔اميد ۽ اختيار سڀ لازم هئا۔جيڪڏهن ان قصي کي صرف مذهبي نه بلڪ انساني تجربي جي طور تي ڏٺو وڃي ته اهو سموري انساني تاريخ کي هڪ نشاني ۾ پوئي چڏي ٿو۔
مان جيستائين مذهبن ۽ تهذيبن کي سمجهان ٿو۔مذهب انسان جي گڏيل تجربن جو ردعمل آهن۔انسان جن حالتن کان گذريو۔جن۔آزمائشن۔بکن۔هجرتن ۽ محرومين کان سکيو۔ساڳيو ئي علم هن پنهنجين ڪهاڻين ۾ محفوظ ڪيو ته جيئن ايندڙ نسل انهي کي ياد رکن۔جنت کان ڪڍيو وڃڻ ڪنهن جغرافيائي جڳھ کان نه بلڪ هڪ فطري جڳھ کان محرومي جي نشاني آهي۔اها جڳھ جتي انسان فطرت جي دامن ۾ هو ۽ انهيء کي فيصلو نه ڪرڻو پوندو هو۔
جيڪڏهن اسان زمين جي ڳوڙهي تاريخ ڏسون ته اڄ کان اٽڪل چويھ لک سال اڳ برفاني دور جي شسوعات ٿي۔جيڪو ڪو هڪ مسلسل برفاني زمانو نه هو بلڪ ڪيترن ئي ٿڌين ۽ گرمين جي دورن جو سلسلو هو۔انهن ئي دورن ۾ افريقا جي گرم پرڳڻن ۾ شروعاتي انسان نروار ٿيو۔پهرين هومو هيبيلس۔پوء هومو ايريڪٽس ۽ پچاڙ ي ۾ هومو سپينز۔ان ڊگهي عرصي ۾ انسان اڪثر ڪري افريقا تائين محدود رهيو۔چاڪاڻ ته اتي موسم ٻين پرڳڻن جي ڀيٽ ۾ مختلف هو۔برساتون اينديون هيون ۽ خوراڪ موجود هئي۔
اٽڪل ارڙهن لک سال پهرين انسان افريقا کان ٻاهر قدم رکيو۔هو وچ اوڀر جي رستي ايشيا ۽ يورپ ڏانهن وڌيو۔جيڪا لڏپلاڻ ڪنهن هڪ قافلي جي نه هئي بلڪ هزارين سالن تي پکڙيل ننڍين ننڍين لڏپلاڻن جو سلسلو هو۔ان دوران انسان باھ تي ڪنٽرول حاصل ڪيو۔بهترين اوزار ٺاهيائين ۽ گروهن ۾ رهڻ سکيو۔ان جي باوجود هواڃا به شجارڌ۽ خوراڪ گڏ ڪرڻ وارو ئي هو۔زمين جي پوکي راهي ڪرڻ وارو۔
زمين تي هڪ اهڙو به دور آيو ته اٽڪل ستر هزار سال اڳ جڏهن شديد موسمي تبديلين جي سبب انسابي آبادي ڪجھ هزارن تائين رهجي وئي۔ان دور ۾ موسم ايترو هو ته نه صرف پوکي راهي ناممڪن هئي بلڪ زنده رهن به چيلينج هو۔
اٽڪل ويھ هزار سال اڳ انسان ايشيا کان الاسڪا جي برفاني پل جي وسيلي امريڪا پهتو۔پندرنهن هزار سال پهرن هو ڏکڻ امريڪا تائين پکڙجي چڪو هو۔مگر هرهنڌ هن جي زندگي هڪ جهڙي هئي۔مگر شڪار۔لڏپلان ۽ فطرت تي دارومدار هو۔
اصل انقلاب اٽڪل يارهن هزار ست سو سال پهرين آيو۔جڏهن آخري برفاني دور ختم ٿيو۔موسم اڳ جي ڀيٽ ۾ گرم ۽ مضبوط ٿي۔برساتن جو نظام باقاعده بڻيو۔دريا مستقل وهڻ لڳا۔تڏهن ئي انسان پهريون ڀيرو زمين کي بدلائڻ جو فيصلو ڪيو۔وچ اوڀر ۾ خاص طور تي دجله ۽ فرات جي علائقي ۾ جهنگلي گاھ ۽ ڪڻڪ ۽ جو جهجهائپ سان پوکبا هئا۔انسان خاي قسمن جي گاهن کي چونڊيو۔پوکيو ۽ محفوظ جرڻ شروع ڪيو ۽ انهيء علائقي ۾ باب۔نينوا ۽ بعد ۾ سموري زرعي تهذيب جنم ورتو۔
اٽڪل انهيء زماني ۾ چين ۾ چانور ۽ ٻاجهري پوکيا ويا۔لاطيني امريڪا ۾ مڪئي ۽ پٽاٽا ۽ افريقا ۾ جوار ۽ ٻاجهري پوکي وئي۔مگر ڪڻڪ جي خاص ڳالھ اها هئي ته اها ذخيرو ڪري سگهبي هئي۔ان کان ماني پچندي هئي۔آبادي وڌي ٿي سگهي هئي ۽ رياست وجود ۾ اچي پيئي سگهي هئي۔اهوئي سبب آهي ته وچ ايشا کي تهذيبن جي نرسري سڏيو وڃي ٿو ۽ اهوئي اهڙو پرڳڻو آهي۔جتي بعد ۾ ابراهيمي مذهب نروار ٿي۔
ڪڻڪ اصل ۾ هڪ عام گاھ هو۔انسان هزارين سالن جي چونڊ کان ان کي بدلائي چڏيو۔ان جا داڻا وڏا هئا۔اب جا گوشا مضبوط ٿيا۔اها انسان تي دارومدارڌڪرڻ لڳي ۽ انسان ان تي۔اهو آسان رستو نه هو۔پوکي راهي ۾ محنت هئي۔ناڪامي جو خطرو هو۔ڏڪار جو امڪان هو۔مگر ان جي بدلي انسان کي اختيار مليو۔مستقبل جي منصوبابندي ۽ طاقت به ملي۔
اڄ جي ڪڻڪ ان پراڻي ڪڻڪ کان بلڪل مختف آهي۔جيڪڏهن۔يارهن هزار سال اڳ جو انسان۽اڄ جي ماني کائي ته شايد سندس جسم ان کي مڪمل طورڏتي قڀول نه ڪري سگهي۔(سبب اڪيچار آهن۔چوته هتي ڪڻڪ جي ارتقا سان گڏ انسان جي ارتقا ۽ ان جي پيٽ ۾ انهن اربين جراثيمن ۽ بيڪٽرياز جي ارتقا تي به لکڻو پوندو۔جيڪي اڄ جي ڪڻڪ کي قبول ڪن ٿا)هاڻي اسان جي خوراڪ۔اسان جو جسم ۽ اسان جي باڊي ايڊاپٽ ڪري چڪي آهي۔
آخر ۾ ان ڪهاڻي ۾ بچي چا ٿيو؟
اهوئي جملو۔ڪڻڪ جو داڻو ۽ جنت کان آدم جي بيدخلي۔اها اصل ۾ علم ۽ اختيار جي قيمت جي ڪهاڻي آهي۔جنت هڪ آئيڊل دنيا هئي۔جتان سڀ ڪجھ مليل هو۔زمين هڪ اهڙي دنيا آهي۔جتي سڀ ڪجھ ڪمائڻوپوي ٿو۔ڪڻڪ جو داڻو اهو پل آهي۔جڏهن انسان فطرت جي دامن کان نڪري ڪري پنهنجي تقدير پاڻ لکڻ جي ڪوشش ڪئي۔
اها موت ۽ زندگي جي راند آهي۔هڪ ڪامل مگر بي اختيار دبيا کان نڪري ڪري هڪ محنت سان ٽمٽار مگر پنهنجي مرضي جي دنيا ۾ داخل ٿيڻ۔هڪ داڻو۔هڪ چونڊ ۽ انسان۔اهوئي انساني تاريخ جو جملو آهي ۽ اهوئي سندس ڪهاڻي جو اصل مفهوم پڻ۔
خوش رهو۔ڌام ڌوم سان ڪڻڪ کائيندا رهو ته اسان جا ابا ڏاڏا انهيء جي لاء جنت کان نڪتا هئا ۽ ها نان کائڻ وقت ديسي گھ جي ٽانڪي لڳرائڻ بلڪل نه وسارجو۔
ڪهڙي خبر ته سڀاڻي(هارٽ اٽيڪ)ٿئي نه ٿيئي۔۔۔
بقول شاعرجي:
بقول شاعر:
نڪالا مجهي جنت سي۔فريب زندگي ديڪر
ڪيا پهر خلد ڪا وعده۔يه حيراني نهين جاتي۔

پهنجو تبصرو موڪليو