انساني عضون جو ڪيس: 5 جوابدارن جو جسماني ريمانڊ منظور

انساني عضون جو ڪيس: 5 جوابدارن جو جسماني ريمانڊ منظور

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) دعويٰ ڪئي آهي ته هن اسلام آباد ۾ “پنهنجي نوعيت جي پهرين ڪارروائي” ڪندي مبينا طور 500 ڪلوگرام انساني پليسينٽا (Placenta) هٿ ڪيو آهي. گرفتار جوابدارن کان پڇا ڳاڇا لاءِ 5 ئي جوابدارن جو عدالت کان جسماني رمانڊ ورتو آهي. اداري انساني عضون جي غيرقانوني واپار ۾ ملوث هجڻ جي الزام هيٺ ٽن چيني شهرين سميت پنج ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو آهي.
پليسينٽا حمل دوران ماءُ جي رحم ۾ ٺهندڙ هڪ عارضي عضوو هوندو آهي، جيڪو نال يا ناڙو (Umbilical Cord) ذريعي ٻار سان ڳنڍيل هوندو آهي. اهو ٻار کي آڪسيجن ۽ غذائي جزا پهچائڻ سان گڏ سندس رت مان فضول مادا خارج ڪرڻ جو ڪم ڪندو آهي.
ايف آءِ اي طرفان داخل ڪيل ايف آءِ آر موجب ابتدائي جاچ دوران معلوم ٿيو آهي ته جوابدار پاڻ ۾ ملي ڀڳت ڪري انساني پليسينٽا کي “رڍ جو پليسينٽا” ظاهر ڪري تجارتي مقصدن لاءِ ٻاهرين ملڪ موڪليندا هئا.
ايف آءِ آر موجب هٿ آيل پليسينٽا جا نمونا وڌيڪ جاچ لاءِ پمز اسپتال ڏانهن موڪليا ويا آهن.
هيومن آرگن ٽرانسپلانٽ اٿارٽي (هوٽا) جي مانيٽرنگ آفيسر حنا ڪنول بي بي سي اردو کي ٻڌايو ته پمز اسپتال اهي نمونا گڏ ڪري پنجاب فارنزڪ سائنس ايجنسي لاهور ڏانهن موڪلي ڇڏيا آهن، پر اڃا تائين آخري ليبارٽري رپورٽ ناهي ملي.
تنهن هوندي به، ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر ۽ هوٽا جي آفيسر حنا ڪنول جو چوڻ آهي ته هٿ آيل مواد واقعي انساني پليسينٽا آهي، جيڪو جوابدار مبينا طور مختلف اسپتالن مان پئسن عيوض گڏ ڪندا هئا.
ٻن علائقن ۾ گڏيل ڇاپا
ايف آءِ اي، هوٽا سان گڏجي اسلام آباد جي ٻن سيڪٽرن ايف سيون ۽ اِي اليون۾ ڇاپا هنيا ۽ ٽن چيني ۽ ٻن پاڪستاني شهرين خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو. ان کان علاوه، ٽن وڌيڪ گرفتار ماڻهن (جن ۾ هڪ چيني شهري به شامل آهي) جي هن ڪيس ۾ ملوث هجڻ يا نه هجڻ بابت جاچ جاري آهي.
جاچ سان لاڳاپيل هڪ ايف آءِ اي آفيسر موجب: “ايف آءِ اي اڳ به انساني عضون جي غيرقانوني پيوندڪاري خلاف ڪارروايون ڪندي رهي آهي، پر انساني پليسينٽا جي واپار ۽ ان ۾ هڪ عالمي نيٽ ورڪ جي ملوث هجڻ جو هي پاڪستان ۾ پهريون ڪيس آهي.” هن تصديق ڪئي ته ڪارروائي دوران 500 ڪلوگرام انساني پليسينٽا هٿ ڪيو ويو.
ايف آءِ آر ۾ ڇا ڄاڻايو ويو؟
ايف آءِ آر موجب هوٽا کي اطلاع مليو ته اسلام آباد جي سيڪٽر F-7 ۾ انساني عضون ۽ ٽشوز جي خريد و فروخت ٿي رهي آهي، جنهن تي 24 جون تي هڪ خانگي رهائشگاهه تي گڏيل ڇاپو هنيو ويو.
ڇاپي دوران معلوم ٿيو ته ان گهر کي انساني پليسينٽا محفوظ ڪرڻ ۽ ان جي پروسيسنگ واري مرڪز ۾ تبديل ڪيو ويو هو. ڪارروائي دوران ٽن چيني ۽ ٻن پاڪستاني شهرين کي گرفتار ڪيو ويو.
گرفتار ٿيل هڪ چيني شهري کان پڇا ڳاڇا دوران خبر پئي ته سيڪٽر E-11 ۾ به ساڳئي نوعيت جو مرڪز موجود آهي، جنهن تي فوري ڇاپو هڻي ڪيترن ئي ڪنٽينرن ۽ ريفريجريٽرن مان وڏي مقدار ۾ پليسينٽا هٿ ڪيو ويو.
ان هنڌ تان ٻن پاڪستاني شهرين کي به گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته هڪ ٻئي چيني شهري کان به جاچ جاري آهي.
ڪهڙيون قانوني دفعات لاڳو ڪيون ويون؟
هي ڪيس هيومن آرگن اينڊ ٽشوز ٽرانسپلانٽيشن ايڪٽ 2010 جي دفعن 11 ۽ 12 ۽ پاڪستان پينل ڪوڊ جي دفعه 109 تحت داخل ڪيو ويو آهي. انهن قانونن تحت جرم ثابت ٿيڻ تي10 سالن تائين قيد ۽ 10 لک روپيا ڏنڊ جي سزا آهي.
جاچ ۾ ڇا سامهون آيو؟
ايف آءِ اي موجب هن ڪيس جي جاچ لاءِ خاص ٽيم قائم ڪئي وئي آهي. جاچ سان لاڳاپيل هڪ آفيسر بي بي سي کي ٻڌايو: “هي پهريون ڪيس آهي، جنهن ۾ انساني پليسينٽا جي عالمي سطح تي واپار ڪندڙ هڪ منظم نيٽ ورڪ جو پتو پيو آهي. ڇاپن دوران 500 ڪلوگرام کان وڌيڪ پليسينٽا هٿ ڪيو ويو آهي.”
ايف آءِ اي جي پريس رليز موجب جوابدارن وٽان:پروسيسنگ جا اوزار۽ تيار ڪيل مواد به هٿ ڪيو ويو آهي.
هوٽا جي آفيسر حنا ڪنول موجب ابتدائي جاچ مان معلوم ٿيو آهي ته جوابدار اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي اسپتالن مان هر پليسينٽا تقريباً 800 رپين ۾ خريد ڪندا هئا ۽ پوءِ ان کي ٻاهرين ملڪ اسمگل ڪرڻ جي تياري ڪندا هئا.
هن ٻڌايو ته شروعات ۾ جوابدارن جو اصرار هو ته اهو رڍ جو پليسينٽا آهي، پر جاچ دوران مبينا طور هنن اعتراف ڪيو ته اهو انساني پليسينٽا آهي.
البته پاڪستاني قانون موجب، پوليس يا جاچ دوران ڏنل اعترافي بيان کي قانوني حيثيت تڏهن ملندي آهي، جڏهن اهو عدالت آڏو پڻ ڏنو وڃي.
پليسينٽا ڇا آهي؟
مائيو ڪلينڪ موجب پليسينٽا هڪ عارضي عضوو آهي، جيڪو حمل دوران ماءُ جي رحم ۾ ٺهندو آهي ۽ نال يعني ناڙي ذريعي ٻار سان ڳنڍيل هوندو آهي. اهو، ٻار تائين آڪسيجن پهچائيندو آهي، غذائي جزا فراهم ڪندو آهي ۽ ٻار جي رت مان فضول مادا خارج ڪندو آهي.
قدرتي ولادت دوران ٻار جي ڄمڻ کان ٿوري دير پوءِ پليسينٽا به رحم مان ٻاهر نڪري ويندو آهي، جنهن کي ولادت جو ٽيون مرحلو چيو ويندو آهي. جيڪڏهن ٻار سيزيرين آپريشن ذريعي پيدا ٿئي ته ڊاڪٽر آپريشن دوران ئي پليسينٽا به ڪڍي ڇڏيندا آهن.
پليسينٽا بعد ۾ ڪٿي ويندو آهي؟
گائنيڪالوجسٽ ڊاڪٽر صدف طارق موجب: پيدائش کان پوءِ پليسينٽا طبي فضلي ۾ شمار ٿيندو آهي. اهو انتهائي متعدي طبي فضلو هوندو آهي، تنهنڪري ان کي خاص بايو هيزرڊ بيگ ۾ محفوظ ڪري اسپتال جي ٿڌي اسٽوريج ۾ رکيو ويندو آهي.
قانون موجب ان کي 24 ڪلاڪن کان وڌيڪ محفوظ نٿو رکي سگهجي. ان کان پوءِ ان کي انسينريشن (ساڙي تلف ڪرڻ) جي معياري طبي طريقي سان ختم ڪيو ويندو آهي. سرڪاري ۽ خانگي ٻنهي اسپتالن ۾ اهو ئي طريقو اختيار ڪيو ويندو آهي ۽ سڄي عمل جو باقاعده رڪارڊ رکيو ويندو آهي.
پليسينٽا جا استعمال
ڊاڪٽر صدف طارق موجب، پليسينٽا ۾ ايسٽروجن ۽ پروجيسٽرون جهڙا هارمون وڏي مقدار ۾ موجود هوندا آهن. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ان کي ڪجهه دوائن جي تياري، ٻار جي ڄمڻ کان پوءِ ٿيندڙ ڊپريشن (Postpartum Depression) جي علاج، آئرن جي کوٽ، زخم، سڙڻ، السر ۽ اکين جي زخمن جي علاج ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي.
هوٽا جي آفيسر حنا ڪنول موجب پليسينٽا: دواسازي صنعت، ڪاسميٽڪ سرجري ۽ ڪجهه ملڪن ۾ ٻين مقصدن لاءِ استعمال ٿيندو آهي.
هن دعويٰ ڪئي ته چين ۾ ڪجهه ماڻهو ان کي خوراڪ طور به استعمال ڪن ٿا، جڏهن ته پاڪستان ۾ ان جي خريد ۽ فروخت غيرقانوني آهي.
هن وڌيڪ چيو ته اسپتال انتظاميه جي مبينا ملي ڀڳت کان سواءِ ايتري وڏي مقدار ۾ پليسينٽا خانگي گهرن تائين پهچڻ ممڪن نظر نٿو اچي، تنهنڪري ان حوالي سان به جاچ جاري آهي.
چين جي سرڪاري اخبار گلوبل ٽائيمز جي 2021ع جي هڪ رپورٽ موجب، جيتوڻيڪ چين ۾ انساني پليسينٽا جي تجارتي وڪري تي پابندي آهي، پر ان باوجود ڳجهن مارڪيٽن ۽ ڪجهه آن لائن پليٽفارمن تي ان جي غيرقانوني خريد ۽ فروخت جاري رهڻ جون رپورٽون سامهون اينديون رهيون آهن.
جيتوڻيڪ چين ۾ به ان جي ڪاروبار تي پابندي آهي پر چين ۾ ٻار ڄڻيندڙ مائرن کان جڏهن پڇو ويندو آهي ته پليسنٽا جو ڇا ڪريون ته هو کائڻ لاءِ گهر کڻي وڃڻ کي ترجيح ڏينديون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو