اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي گادي واري شهر جي ضلعي انتظاميا حڪومت ۽ مخالف ڌر کي ريڊ زون ۾ جلسا ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. پي ٽي آءِ 27 مارچ تي ڊي چوڪ تي جلسي جي اجازت لاءِ وفاقي گادي واري شهر جي انتظاميه کي درخواست ڏني هئي. جڏهن ته مخالف ڌر به ان ئي هنڌ جلسي جي درخواست ڏني، پر ضلعي انتظاميا ٻنهي ڌرين کي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ضلعي انتظاميا حڪومت کي پريڊ گرائونڊ ۽ مخالف ڌر کي ايڇ 9 تي جلسا ڪرڻ جو آپشن ڏنو آهي. ذريعن موجب ضلعي انتظاميا جو خيال آهي ته ريڊ زون ۾ قلم 144 لاڳو آهي ۽ جيڪڏهن ٻئي پارٽيون هڪ ئي هنڌ جلسا ڪنديون ته ڇڪتاڻ جو خدشو آهي جنهن سان صورتحال خراب ٿي سگهي ٿي. ذريعن جو چوڻ آهي ته انتظاميا مخالف ڌر ۽ حڪومت کي هدايت ڪئي آهي ته هنڌ جي چونڊ کانپوءِ آگاهه ڪيو وڃي.حڪومت مشاورت بعد پريد گرائونڊ ۾ جلسو ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وئي آهي ۽ ان ڏس ۾ انتظاميا کي آگاهه ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ پاران جلسا ملتوي ڪرڻ جي تجويز بعد صورتحال ٻڏتر جو شڪار آهي.










