اسلام آباد (بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري اسد عمر پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ڪرنسي مارڪيٽ ۾ نهايت خطرناڪ صورتحال پيدا ٿي وئي اهي رپئي جو ملهه 221، 222 تائين پهچي چڪو آهي اسد عمر چيو ته پاڪستان کي هن صورتحال سان سخت نقصان پهچي رهيو آهي. امپورٽيڊ حڪومت جو هر ڪلاڪ ملڪ تي ڳرو ثابت ٿي رهيو آهي. غير فطري ۽ ٻاهرين مداخلت سان آندل نظام گهڻي تباهي ڪري رهيو آهي پي ٽي آئي اڳواڻ چيو ته جيڪڏهن جلد هن نظام کي ختم نه ڪيو ويو ته ملڪ کي وڏو نقصان رسندو هاڻي وقت آهي ته بهتر فيصلي سان پاڪستان کي خوشحال بڻايو وڃي.










