اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صحافي جمال خاشقجي جي قتل بابت امريڪا جي انٽيليجنس رپورٽ تي ردعمل ظاهر ڪندي پرڏيهي کاتي جَي ترجمان چيو آهي ته سعودي سرڪار جمال خاشقجي جَي قتل ۾ ملوث ڪردارن کي سزا ڏيارڻ لاءِ قدم کنيا، سعودي عرب صحافي جمال خاشقجي جَي معاملي تي انصاف جون سموريون گهرجون به پوريون ڪيون، پاڪستان صحافي جي قتل ۾ ملوث ڪردارن کي ڪيفرِ ڪردار تائين پهچائڻ لاءِ سعودي عرب جي ڪوششن کي تسليم ڪري ٿو، پاڪستان طرفان سعودي عرب سان ٻڌي جو اظهار ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته امريڪي صدر جو بائيڊن سي آءِ اي جي ڳجهي رپورٽ پڌري ڪئي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته قتل جو ماسٽر مائنڊ ولي عهد محمد بن سلمان آهي. صحافين جي عالمي تنظيم سي پي جي مطالبو ڪيو آهي ته امريڪا قاتلن کي سزا ڏيارڻ جي ذميواري پوري ڪري.










