امت مسلمه سميت اداري جي عملي کي عيد جو واڌايون

امت مسلمه سميت اداري جي عملي کي عيد جو واڌايون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سي اي او / ايم ڊي واٽر بورڊ انجنيئر سيد صلاح الدين احمد ۽ سي او او واٽر بورڊ انجنيئر اسدالله خان پاران عيد الفطر جي پرمسرت موقعي تي پنهنجي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ سڄي امت مسلمه سميت پاڪستاني قوم بلخصوص واٽر بورڊ جي سمورن آفيسرن ۽ ملازمن کي دلي عيد مبارڪباد پيش ڪندي چيو تہ الله تبارڪ تعالي جا لکين شڪر آهن جنھن اسان کي رمضان المبارڪ جي فيض ۽ برڪتن مان مستفيض ٿيڻ لاء هڪ ٻيو موقعو فراھم ڪيو، الله تعاليٰ کان دعا آهي تہ اسان جا سمورا روزا ۽ عبادتون پنهنجي بارگاھ اقدس ۾ قبول فرمائي، هنن چيو تہ رمضان المبارڪ ۾ الله تعاليٰ اسان کي صبر، شڪر ۽ پنهنجي نفس ۽ ضرورتن تي ضابطو رکڻ جي جنهن عملي تربيت مان گذاريو آهي ان جو بنيادي مقصد اسان کي ٻين جي ڏک، بک ۽ پريشاني جو احساس ڪرڻ آهي ڇو جو احساس ۽ ٻين جو درد ئي انساني سماج جي اصل طاقت ۽ سڃاڻپ ھوندي آهي، جڏهن تہ اهيا ئي اسان جي دين اسلام جي اصل خاصيت آهي، تنهن ڪري اسان کي کپي تہ نہ صرف رمضان المبارڪ بلڪه سڄو سال ھن جذبي کي پاڻ سان ساڻ گڏ کڻي ھلجي ۽ سماج کي انسان دوست بڻائڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي اسان کي گھرجي تہ عيد جون خوشيون ملهائڻ وقت پنهنجي آس پاس رهندڙ لاوارث غريب مسڪين ماڻهن ۽ بي سهارا خاندانن جو بہ ڀرپور خيال رکجي ان کان علاوه عيدالفطر جي پرمسرت موقعي تي انهن عظيم شهيدن ۽ اھم شخصيتن سميت پنهنجن ابن ڏاڏن کي بہ پنهنجي خصوصي دعائن ۾ ياد رکڻ گهرجي جن وڏي مقصد لاءِ لازوال قربانيون ڏئي پنھنجي قوم جو ڪنڌ فخر سان بلند ڪندي پياري ملڪ پاڪستان جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، رب ذوالجلال والاڪرم جي بارگاھ اقدس ۾ دعا ۽ التجا آھي تہ پوري قوم کي عيد الفطر جون خوشيون نصيب ڪندي اسان جي ملڪ کي سمورين قدرتي آفتن کان پناھ ۾ رکي، الله تعالٰي پنهنجي رحمتن سان پياري ملڪ پاڪستان کي امن، ترقي، خوشحالي ۽ استحڪام جو گھر بڻائي. آمين يارب العالمين

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو