اليڪٽرانڪ سگريٽ، شگر  جي مرض جو ڪارڻ قرار

اليڪٽرانڪ سگريٽ، شگر جي مرض جو ڪارڻ قرار

لنڊن(ويب ڊيسڪ)يورپ ۾ ٿيل هڪ نئين تحقيق ۾ چيو ويو آهي ته عام سگريٽ جيان اليڪٽرانڪ سگريٽ يعني اي-سگريٽ جي استعمال سان به شگر جي مرض جو خطرو وڌي وڃي ٿو. تحقيق موجب، عام تماڪو وارو سگريٽ ڇڪڻ وانگر اي-سگريٽ ۽ ٻين تماڪو جي استعمال جي طريقن سان شگر جي ٽائپ ٽو مرض جو خطرو وڌي وڃي ٿو. طبي ويب سائيٽ مطابق، يورپين ايسوسي ايشن فار دي اسٽڊي آف ڊائيبٽڪس (EASD) جي سالياني اجلاس ۾ پيش ڪيل نتيجن موجب دونهين کان سواءِ تماڪو(سموڪليس ٽوبيڪو) جو استعمال به سگريٽ نوشي جيترو ئي شگر جي خطري جو سبب بنجي ٿو. تحقيق ۾ناروي ۽ سوئيڊن جي گذريل مطالعن کان حاصل ڪيل ڊيٽا جو جائزو به ورتو ويو، جنهن ۾ 3,300 کان مٿي شگر جي ٽائپ ٽو جي مريضن ۽ تقريباً 3,900 صحت مند ماڻهن جي ڊيٽا جو جائزو ورتو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو