اسلام آباد (بيورو) اليڪشن ڪميشن اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.نوٽيس موجب عمران خان 23 سيپٽمبر تي اليڪشن ڪميشن سامهون پيش ٿئي، ٻي صورت ۾ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن عمران خان کي چارسدا جلسي تي اڄ طلب ڪيو هو پر هو پيش نه ٿيو، جنهن تي کيس ٻيهر طلب ڪيو ويو آهي.










