اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ننڍي چونڊ بابت اليڪشن ڪميشن جي نظرثاني درخواست سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي.چيف جسٽس عمر عطابنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني خاص بينچ 15 مئي تي ٻڌڻي ڪندي.جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس منيب اختر تي ٻڌل 3 رڪني خاص بينچ جو حصو هوندو.اليڪشن ڪميشن 14 مئي تي چونڊون ڪرائڻ واري فيصلي تي نظرثاني درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.










