اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جو فيصلو معطل ڪندي عادل بازئي جي قومي اسيمبلي جي رڪنيت بحال ڪري ڇڏي.جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ عادل بازئي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جسٽس عقيل عباسي ۽ جسٽس عائشه ملڪ به 3 رڪني بينچ جو حصو هئا.سپريم ڪورٽ عادل بازئي کي ڊي سيٽ ڪرڻ واري اليڪشن ڪميشن جي 21 نومبر واري فيصلي کي معطل ڪري ڇڏيو.سپريم ڪورٽ عادل بازئي جي قومي اسيمبلي جي رڪنيت بحال ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 12 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










