اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق اليڪشن ترميمي ايڪٽ خلاف پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ علي بخاري جي درخواست تي لارجر بينچ ٺاهڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو.ڊان نيوز موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، پي ٽي آءِ جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم ڪري ريٽائرڊ جج کي ٽربيونل جج مقرر ڪرڻ جي شق شامل ڪئي وئي، چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ جي صلاح مشوري سان ختم ڪيو ويو. مشاورت چيف جسٽس سان آهي، ان عدالت جي فيصلي تي ٻي ڌر اعتراض ڪري سگهي ٿي.ان تي ايڊووڪيٽ شعيب شاهين چيو ته اسان جي درخواست آهي ته ڪيس تي لارجر يا ڊويزن بئنچ جوڙي وڃي، جسٽس عامر فاروق رمارڪس ڏنا ته ٻئي ڌر جو جواب اچي پوءِ ڏسنداسين، لارجر بينچ ٺاهيندس.بعد ۾ عدالت اليڪشن ترميمي ايڪٽ خلاف درخواست تي لارجر بينچ جوڙڻ جو اشارو ڏيندي اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري ڪندي مدد لاءِ طلب ڪري ورتو. سنڌ هاءِ ڪورٽ قانون واري وزارت ۽ اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس جاري ڪندي 10 ڏينهن ۾ جواب طلب ڪري ورتو ۽ ڪيس جي ٻڌڻي 10 ڏينهن بعد ملتوي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.










